آءِ ايم ايف ۽ معيشت جا سڌارا

آءِ ايم ايف ۽ معيشت جا سڌارا

رياض ابڙو
پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات صحيح ناهن يا طالبان واري اشو کانپوءِ يا ٽرمپ جي دور کانپوءِ يا خاص جوبائيڊن جي اچڻ ۽ افغانستان مان الائيڊ فورسز جي انخلا ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا چڙيل آ ۽ متعدد دفعا انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي معانن کانپوءِ شين ٿوريون ڏکيون ٿي پيون آهن (يا عمران واري ٻٽي سياست جي ڳالھ ئي ٻي آ ته صبح جو بدشد ڳالهائي وري شام جو آمريڪا کي فون ڪندو هيو ته ورو ڪيو جان ڇڏايو، بهرحال) يا خاص آءِ ايم ايف سان معاملا سڌا نه ٿا ٿين يا حڪومت هردفعي ڏچي ۾ ضرور آ ته جيستائين نوان شرط نه قبوليندا تيستائين شيون ممڪن ناهن پوءِ ڪير ڪيترو به چئي يا ڪجھ به چئي يا ڪيتري به وڪالت ڪري پر آءِ ايم ايف ان صورت هن ملڪ جا ترا ڪڍندي ۽ حڪومتن جا ٽپڙ ٽيشن تي هوندا ياٻي ڳالھ ته روس سان تيل جا معاهدا يا روس کي اسٽيل مل جو ڏيڻ، سي پيڪ جا معاملا وري هلائڻ ۽ چين کان قرض جون قسطون وٺڻ يا ائين چئون ته هن رياست ڪو ملڪ نه ڇيڏو آ جنهن کان قرض نه پتيو اٿن يا جنهن وٽ ادارا زمينون بحري اڏا، هوائي اڏا گروي نه رکيا هجن يا ڪي پي ٽيءَ جو ٽرمينل يو اي اي کي ڏيڻ به آمريڪا کي چيڙائڻ جي مترادف آهي، ان ڪري هر دفعي آءِ ايم ايف جا شرط به سخت هوندا جو هي ملڪ آسانيءَ سان ڊفالٽ ڪندو ڇو ته آءِ ايم ايف جا پئيسا ايندا ته حڪومت جا خرچ کاٻار هلندا نه ته پگهارن جا پئيسا ۽ پينشن جي پورت ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو جنهن جو پٽڪو اسحاق ڊار لايون ويٺو آ ۽ هن شخص جون اهي ڊاڙون ڪاڏي ويون جڏهن هي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ چوندو هيو ته اسان ڊالر ۽ پيٽرول جون قيمتون گهٽائينداسين ۽ روپئي جي قدر ۾ خاطرخواھ اضافو ٿيندو ۽ مهانگائي تي ڪنٽول ڪنداسين پوءِ هاڻي ڀلا ڪري ڏيکاري يا انهن مان ڪا هڪ شيءِ پوري ڪري ڏيکاري يا امپورٽ گهٽائڻ ته هنن جي وس جي ڳالھ ئي ناهي يا ايڪسپورٽ وڌائي ڏيکارن يا ڪجھ اهڙو جنهن جي ڪري معيشت بحال ٿي پئي ڪن.
عربن جو اسان جي ملڪ ۾ ائين سيڙپڪاريون ڪرڻ يا انهن جي بدلجندڙ معاشي حالتن جي تناظر ۾ هڪ ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته 2030 تائين دنيا اندر هاڻوڪا توانائيءَ جا ذريعا ختم ٿي ويندا يا هي نه هوندا پر ڪي ٻيا هوندا تڏهن اماراتيس ۽ ٻين عرب ملڪن جي لاءِ اهو ڏکيو هوندو ته اهي پنهنجو سروائيول پيدا ڪري سگهن ڇو ته هاڻي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي يافتا ملڪن جو راڄ هوندو ۽ تيل جون دولتون ڪنهن ڪم جون ناهن يا نه ٿي سگهنديون جو جڏهن تيل تي گاڏيون ئي ختم ٿي وينديون ته پوءِ تيل ڪهڙي ڪم جو، ان ڪري سعودي سرڪار به رڳو وزيٽرز تي ڌيان پئي ٿي ڏئي ۽ چون ٿا هيل 25 لک حاجين جي اميد هئي پر رڳو 16 لک حاجي آيا، ان ڪري انهن جو جيڪو ٽارگيٽ ڪٿيل هيو اهو پورو نه ٿي سگهيو يا ڳالھ پئي ڪئي سين ته انهن وٽ جڏهن تيل جون دولتون ختم ٿي وينديون يا دنيا مان جڏهن تيل جو کاپو گهٽجي ويندو ته تڏهن اهو سڀ سوچي اهي اسان جهڙن ملڪن ۾ صنعتي زون ٺاهڻ شروع ڪندا يا انهن جي صنعتي ترقي اسان وٽ ان ڪري به ممڪن هوندي جو اسان وٽ ليبر سستو آ۽ هتي ڪنزيومر گھڻا آهن جو ماڻهو هڪ ڪوپ چانھ جو پيئي ته به ڪمپنيءَ کي اربين روپيا ڏئي سگهي ٿو، ان ڪري اهي سڀ ملڪ آهستي آهستي پير کپائن ٿا ۽ ٻي حقيقت اها به آهي ته ملڪ سڄي جو سڄو گروي رکندا ٿا وڃن جو سعودي عرب سميت، اماراتي، چين، روس به انهن ڳالهين جي دعويداري ڏيکاريندو ۽ سڀاڻي حڪومت کي ڪهڙي پئي آ جو اُهي اِهي سڀ ادارا ڇڏائيندا ۽ پنهنجي مُٺ ۾ ڪندا، هونءَ به ڊي نيشنلائيزيشن جو دور آ جيڪي به پرائيويٽ ادارا هلائن ٿا اهي ته سرڪار جي هٿ تي ٽيڪس ٿا رکن پوءِ مالڪ ڪير به هجي يا مشرف جي دور ۾ خانگايل بيئنڪون يا ٻيا ادارا هاڻي حڪومت جي مٿي جو سور ناهن پر حڪومت جي مٿي جو سور رڳو ٽيڪس ڪليڪشن آ، ان ڪري هاڻي رڳو اهو ٿا ويٺا ڳڻن ته ٽيڪس ڪيتري آ.
يا ريلوي نظام جي چين کي ڏين ته اهي هنن کي ترقي ڪري ڏيکاريندا پر ملڪ جي دعويداري ته وئي يا حڪومت 6125 بلين روپيا گذريل سال جي ٽيڪس مان ڪمايا آهن ۽ هاڻي به اهو ئي حدف اٿن ته 6100 بلين روپيا ٽيڪس ڪليشن مان اوڳاڙيندا، باقي ڪل پيران دا خير، ۽ اها ڳالھ به مڃون ٿا پر آمريڪا جي هڪ مشهور معاشي اداري Bloomberg جي مطابق ته پاڪستان جولاءِ تائين ڊفالٽ ڪري ويندو ان ڪري جو حڪومت جيڪي روز روز ان ڳالھ جي ڦشري ٿي ڪري ته رياست هاڻي ملازمن کي پينشن جا پئيسا نه ٿي سگهي ته ان مان مراد اها به آهي ته جيڪي عسڪري ادارن جا 33 لک کان مٿي رٽايرڊ ملازم آهن جيڪي گهر ويٺي پينشن ٿا کڻن (هڪ اندازي موجب) يا انهن ۾ ٻيا ملازم به کڻي الڳ ڳڻجن ۽ اڳوڻي حڪومت جي دعويءِ موجب ته جي ڊي پي جو 6 سيڪڙو رڳو اهڙن ملازمن جي پپيشن ۾ هليو ٿووڃي جن کي ماهوار 530 بلين روپيا ڏنا ٿا وڃن ۽ ٽيڪس ڪليڪشن مان روپيو به نه ٿو ملين يا جي اها ڳڻپ ڪن ته ۽ ان جو ازالو ڀرڻ لاء قرباني واري ٻڪري وري سنڌ ٿيندي يا سنڌ ڀريندي ۽ ان جي لاء ڪراچي پورٽ ٽرسٽ دبئي کي پنجاھ سالن ۽ اسٽيل مل روس کي پنجن سالن جي ليز تي ڏئي ڇڏي اٿن.
آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق نوان ٽيڪس لڳندا جيڪي هاڻي 720 ارب روپين جا هوندا پر ڳالھ اها به آهي ته اهي انڪم ٽيڪس وارا پئيسا مهيني ماسي وارا پئيسا هجن ٿا يا اهي پئيسا روز جي حساب سان هوندا يا مثال جيڪي پئيسا پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ روز ڪٽجن ٿا اهي پئيسا حڪومت جي کيسي ۾ اربن روپين جي شڪل ۾ پوندا رهن ٿا يا حڪومت به هاٿي جي ڏندن وارو ڪم ٿي ڪري ته ڏيکاري هڪڙو ٿي ۽ ڪري ٻيو ٿي يا هاڻي هنن ته ذخيرا اندوزيءَ تي اهڙي پابندي هنئي آ جنهن جو ڪو لاڀ ڪونهي ڇو ته حڪومت رڳو 30 سيڪڙو پيٽرول ۽ ڊيزل مس ٿي امپورٽ ڪري باقي 70 سيڪڙو ته گهرو پيداوار مان حاصل ڪري ٿا وٺن يا گيس به 30 سيڪڙو مس امورٽ ڪندا يا ايران جي رستي جيڪو پائيپ لائين وارو منصوبو آ اهو زرداري جي دور ۾ ئي رٿيل هيو پر حڪومت ۽ رياست جي ڪن اندورني مفادن جي ڪري رڪجي رڪجي وري هاڻي سانباها ڪيا اٿن ته اهو هلائيندا پر چالاڪي اها به اٿن ته رياست جيڪي ڊيزل، پيٽرول يا خام تيل گهرائي ٿي ته اهو جي ڊالر جي مد ۾ پئين ٿو ته لوڪل پروڊڪشن مان حاصل ڪيل تيل به ڊالر ۾ ٿا کپائن.
هاڻي حڪومت جي لاءِ آساني آ ته هو پيٽرول ۽ ڊيزل جي گهرو پيداوار به عوام ۾ ڊالرن جي اگھ تي کپائيندا ۽ ان طرح کپائيندا ۽ هاڻي گيس به ڇو ته ان طرح حڪومت ٽن طريقن سان ٽيڪس ڪمائي سگهي ٿي يا ليوي وٺي سگهي ٿي، هڪ ته جيڪو امپورٽ ٿو ڪري ان کي به ڦرن ٿا ڇو ته ترن جو تيل ترن مان ئي ٿا ڪڍي سگهجي ٿو، ٻيو ته جيڪو ريٽيلر آ جنهن جا پيٽرول پمپ آهن يا اهي ريٽيلنگ جا دوڪان جن کان سيلز جي مد ۾ اوڳاڙين ٿا وري ساڳي طرح جيڪو ”اينڊ يوزر“ آ معني جنهن وٽ آخر اها شيءِ پڄي ٿي جيڪو ساڙي، ٻاري، کائي پي، کپائي وڃائي استعمال ڪري ڪچرو ٿو ڪري ان کان وري ڪنزيومر ٽيڪس ٿا وٺن پر ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ٽيڪس جي لوازمات جو سڌو ۽ اڻ سڌو بار رڳو عوام مٿان آهي يا جيڪي پيٽروليم جا ايڪسپلورر آهن جيڪي تيل جي ڳولها کان وٺي ان جي صاف صفائي يا ريفائنري کان وٺي وري جيستائين يوزر تائين پڄائين ٿا تيستائين ٽي ٽي دفعا ٽيڪس ٿا ڀرن ته پوءِ انهن ڪمپينن جي مرضي آ ته جڏهن ريفائن ڪندا ته هيٺ يوزر ڏي موڪليندا يا مثال ٽوٽل پيٽروليم وارا، هيسڪول وارا، اٽڪ پيٽروليم وارا، پي ايس او وارا وغيره وغيره جيڪي به ڪمپنيون آهن اهي سڀ جون سڀ جي ذخيرا اندوزي نه ڪنديون ته باقي ڇا ڪنديون يا اها ڳالھ انهن جي پيٽرول پمپن تي ناهي ته اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جا کوھ ڀري رکندا يا اهي هاڻي ائين نه ڪري سگهندا يا جڏهن به پيٽرول جا اگھ گهٽبا آهن ته اهي پيٽرول پمپ وارا پمپن کي لوھ جو ڪڙو يا واڙو چاڙهي ويهندا آهن پوءِ انهن جي ان ڳالھ کي ڪنٽرول ڪير ڪندو يا جڏهن هر ايندڙ ويندڙ گاڏي کي اهو چئي موٽائيندا آهن ته پيٽرول ڪونهي ته انهن کان پوليس جا سپاهي پڇا ڪري سگهندا يا ڪير انهن کي چوڻ وارو آ ته نه ڪيو، ته پوءِ حڪومت يا رياست جي اهڙي فرسوده ۽ بيڪار قانون پاس ڪرڻ مان فائدو يا انهن جي اهڙي قانون پاس ڪرڻ سان ماڻهو هاڻي دهل کڻي نچندا يا روس جي پيٽرول يا خام تيل جي جهازن پڄڻ سان ماڻهو بجا تير بجا ڪندا فائدو ڇاهي اهڙن قانونن پاس ڪرڻ سان يا عام ماڻهن سان رڳو ڊرامو ٿا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو