ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالر ملڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ ٿيڻ تي پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اندر رڪارڊ 2446 پوائنٽ جو اضافو ٿيو. مارڪيٽ 2269.23 پوائنٽ مٿي کلڻ سبب اپر سرڪٽ ليول تي پھچڻ سبب رولز مطابق ھڪ ڪلاڪ لاءِ ٽريڊنگ معطل ڪئي وئي. 30 جون تي عيد جي موڪلن سبب عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) سان معاهدو ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ۾ انتھائي مثبت رجحان آيو. اسٽاڪ مارڪيٽ جي بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ۾ بيحد اضافو ٿيو ۽ مارڪيٽ 2,269.23 پوائنٽ مٿي کلي جمعي تي 41,452.68 پوائنٽن تي بند ٿيو ھو. ابا علي حبيب سيڪيورٽيز جي ريسرچ جي سربراهه سلمان نقوي جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ لڳ ڀڳ پنج سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) جي ضابطن موجب واپار کي روڪيو ويو آهي. مارڪيٽ 10.37 تي ٻيھر کلي تھ بھ تيزي جو رجحان نظر آيو. عارف حبيب استاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٿيل تاريخي تيزي بابت چارٽ به سيئر ڪيو آهي.
Historic DoD gain witnessed at PSX today with KSE100 increasing by 2,446 points and closing at a 14 months high
KSE-100 index went up by 2,446 points (+5.90%) DoD & closed at 43,899 points. On a DoD basis, it displayed the best performance ever. In the last three trading… pic.twitter.com/22M8sLQ3Cs
— Arif Habib Limited (@ArifHabibLtd) July 3, 2023










