آءِ ايم ايف جا خدشا ختم: وزيراعظم خوشخبري ملڻ لاءِ پر اميد

آءِ ايم ايف جا خدشا ختم: وزيراعظم خوشخبري ملڻ لاءِ پر اميد

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان معاهدو ختم ٿيڻ ۾ 2 ڏينهن رهجي ويا آهن. اميد آهي عوام کي عيد جي ڏينهن ۾ سٺي خبر ملندي. پارٽي جي سينئر اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اميد آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عوام کي خوشخبري ملي ويندي. آءِ ايم ايف جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن. اسان نائون جائزو مڪمل ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون. شهباز شريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي پاليسي موجب رستو ڪڍي ورتو آهي. پاڪستان لاڳيتو اجلاس ۽ انهن جا مطالبا مڃي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ۽ يقين ڏياريو ويو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گڏ هلڻ چاهي ٿو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان قسط اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ معاشي پروگرام کي اڳيان کڻي هلڻ جا رستا نڪري پوندا. هن وقت اسان کي صرف ملڪ جو سوچڻو آهي ته جنهن لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو