ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اربع تي پاڪستان لاءِ 3-ارب ڊالرن جي نئين اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ (ايس بي اي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد 1.2 بلين ڊالر جي ادائيگي فوري طور ڪئي ويندي. اهڙي پيش رفت آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ اسٽاف سطح جي معاهدي بعد سامهون آئي آهي. باقي رقم پروگرام جي مدي دوران مرحليوار ڪئي ويندي، جيڪا ٻن ٽه ماهي جائزي سان مشروط آهي. ياد رهي ته سعودي عرب سومر تي 2 ارب ڊالر ۽ گڏيل عرب امارات اربع تي هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري چڪا آهن. آءِ ايم ايف جي رقم جي منظوري بعد پاڪستان ۾ ڊالر جي ڀيٽ م روپئي جي اگهه ۾ اضافو ٿيندو ۽ مجموعي طور وقتي رليف به ملندو. چين اڳ م ئي 2 ارب دالر جو قرض ري شيڊول ڪري چڪو آهي.










