آءِ آءِ ڇندريگر روڊ تي ٽرئفڪ شديد جام،شهري رلي ويا

آءِ آءِ ڇندريگر روڊ تي ٽرئفڪ شديد جام،شهري رلي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شاهين ڪمپليڪس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، گورنر هائوس ۽ پريس ڪلب ڀرسان ٽريفڪ جام، شهري پريشان ٿي ويا، ڪيتريون ئي ايمبولينسون ۽ گاڏيون ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيا، گرمي ۾ ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل شهري پريشان، ڪيترين ئي گاڏين جو پيٽرول ختم ٿي ويو، شهري پنهنجون سواريون دٻائڻ تي مجبور آهن. ڪراچي ٽريفڪ پوليس موجب ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد روڊ، دين محمد وفائي روڊ ۽ سرور شهيد روڊ بند ٿيڻ سبب انهن هنڌن تي ٽريفڪ جي روانگي سست آهي. ٽريفڪ پوليس موجب اهي رستا سڪيورٽي سبب بند ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف سلطان آباد ۾ نيٽي جيٽي پل (جناح برج) کان پي آءِ ڊي سي تائين ايم ٽي خان روڊ به بند آهي ۽ ٽريفڪ کي مائي ڪلاچي روڊ کان بوٽ بيسن طرف موڙيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو