گل سيوھاڻي
جيڪي ماڻھون چوندا ھيا تہ اسان جون عدالتون آذاد آھن اھو اڄ ثابت ٿي ويو واقعي بہ عدالتون آذاد آھن مگر انصاف ان کي فراھم ڪن ٿيون جيڪي سٺا ۽ فرمانبرادر ٻار ھجن ٿا،اوھان تازو سياسي منظر نامون ڏسندا ھوندو ھڪڙو اھو سياستدان آھي جنھن کي عوامي نہ پر غلامي ڪندڙ ليڊر طور سڃاتو ويندو آھي،ان سياستدان جڏھن سياست ۾ پير پاتو ھيو تڏھن ھن ھڪ اھڙو ھنج ۽ اھڙو ھنڌ ھٿ ڪيو ھيو جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ھنڌ ۽ آرمدہ ھنج تصور ڪيو ويندو آھي،ٻيو اھو سياستدان جيڪو نج پج عوامي ليڊر ھوندو آھي ۽ عوام جي دل و دماغ تي راڄ ڪندو آھي جيڪو بنا ھنڌ ۽ ھنج جي جنھن منزل جو راھي آھي ان منزل تي پھچڻ لاء کيس وڏا وڏا ڪشالا ڪٽڻان پيا پون سو ھن وقت انصاف جي اوسيئڙي م آھي تہ کيس ڪٿان ٿو انصاف فراھم ٿئي جڏھن تہ طاقتور ھٿن جي ڀرپور ڪوشش آھي تہ ان ايبسولٽي ناٽ چوڻ واري نافرمان ٻار کي سزا ڏئي ھميشہ ھميشہ لاء منظر تان مٽائي ڇڏجي،اسان جي رياست ۾ جيڪو عدل و انصاف جو ٻٽو معيار آھي اھو اڄ صاف صاف نظر پيو اچي ھڪڙو اھو سياستدان آھي جيڪو گذريل 38 40 سالن کان سياسي ميدان ۾ اچي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا وزيراعلي ۽ ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رھيو آھي پنھنجي ان حڪمراني دوران جيڪو ملڪ و قوم جو ٻيٽو ٻوڙيو آھي ان جي بدولت اڄ اسان ھن ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام مان ھڪ ھڪ ماڻھون 10 لک کان وڌيڪ جو قرضي بڻجي چڪو آھي مگر خد اھو سياستدان جيڪو محفوظ ھنڌ ۽ آرمدہ ھنج ھٿ ڪري سياستدان بڻيون ھيو اھو اڄ ملڪ جو امير ترين تہ بڻجي ويو آھي ۽ کيس کي دنيان جي امير ترين ماڻھن ۾ بہ شمار ڪيو ويندو آھي تازو ڪيترن ڪيسن ۾ گھربل ھوندي ۽ پاناما ليڪس اسڪينڊل ۾ تاحيات نااھلي ماڻي جيل ھليو ويو ھيو جتا پنھنجي ڀاء جي 50 روپين واري ضمانتي دستاويز عيوض چئن ھفتن جي اجازت وٺي اعلاج لاء پرڏيھ روانو ٿيو ھيو سو چار سال عدالتن مان فرار رھڻ کان پوء تازو 21 آڪٽوبر 2023 تي ڪنھن جي گرنٽي ۽ حفاظتي ضمانت جي پڪ تي وطن واپس وريو آھي ان قومي مجرم ۽ عدالت مان فرار ٿيندڙ ليڊر کي جيڪو سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو آھي ان کي ڏسي عدالتن ۽ منصفن جو ڪنڌ شرم کان جھڪيو ھجي نہ ھجي مگر محب وطن سياسي ليڊرن ۽ محب وطن عوام جو شرم کان ڪنڌ ضرور جھڪي ويو آھي،اڪثر سياسي ليڊرن ۽ آئين و قانون جي سمجھ رکڻ وارن فردن جو چوڻ آھي تہ ملڪ ھڪڙو قانون ٻہ ھيء پھريون ڀيرو ڏسون پيا اسان پنھنجي ملڪ ۾ ھڪڙو اھو ليڊر آھي جيڪو قومي مجرم آھي جنھن قوم ۽ ملڪ کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو آھي ۽ انکي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت بيمان قرار ڏئي يعني صادق امين نہ ھجڻ جي ڏوھ ۾ تاحيات نااھل قرار ڏنو آھي ان کي واڳ ڌڻي پروٽوڪول ڏئي اننجو ڪرائي جي ماڻھن ھٿان استقبال ڪرائن پيا ستم ظريفي تہ ڏسو ان قومي مجرم جي جلسي لاء لڳل شھرن ۾ جيڪي وڏا وڏا بينر ۽ پوسٽر آويزان ڪيا ويا ھيا ان بينرن ۽ پوسٽرن تي ڇاپيل ان قومي مجرم جي تصويرن سان گڏ گڏ رياست جي اعلي محاظ جون تصويرون بہ ڇپيل ھيون ڇا ان کان وڌيڪ ٻيو ثبوت ٿي سگھي ٿو جنھن ۾ چيو وڃي پيو تہ رياست جي رکوالن پاران ان قومي مجرم جي ڪنھن بہ قسم جي سھولتڪاري ناھي ڪئي،جڏھن تہ ساڳي جاء تہ ھڪ قومي ھيرو قومي ليڊر آھي جيڪو ملڪ و قوم جي بھتري ٿو چاھي جيڪو ملڪ و قوم جي آذادي خد مختاري ۽ سالميت ترقي و خوشحالي جي ڳالھ ٿو ڪري ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل واڙي ان جو ٽرائل بہ اوپن عدالتن بدران جيل ۾ عدالتون قائم ڪري ڪيو پيو وڃي ڇا ھيء انصاف جو ٻٽو معيار ناھي سنڌيء ۾ ھڪ عام چواڻي آھي تہ جھرڪي کي مھري پيو ڪرين اھيو ڇا ٿو ڪرين جي جواب ۾ جھرڪيء کي مھري ڪرڻ وارو جواب ٿو ڏئي تہ جھرڪيء جي پٺ ۾ مھري وڃي نہ وڃي مونکي جھرڪيء جي پٺ ڦاڙڻي آھي ان مھاوري جيان ان قومي ھيرو عوامي ليڊر سان بہ ڪجھ طاقتور حلقن پاران جھرڪي ۽ مھري وارو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڇو تہ انھن کي بہ پنھنجي آقائن جو حڪم آھي جن کين ھيڏي ساري ائٽمي قوت بڻيل ملڪ جي حڪومت جي واڳ ھٿ ڪري ڏني آھي ھاڻي ھڪ تہ ڪاري ڪوٽ وارن کي ميدان ۾ نڪرڻون پوندو جن جي ايام ڪاريء ۾ ھيڏا ھاڃان ٿي رھيا آھن ھن وقت بار ۽ بئنچ وچ ۾ مقابلو شروع آھي ھن ٻنھي مٿان ٽين قوت آھي عوامي قوت جيڪو بہ ان ٻنھي قوتن مان عوام کي پنھنجو ڪري وٺندو اھوئي ميدان ماريندو مگر ان بار ۽ بئنچ وچ ۾ ھلندڙ طاقت جي مظاھري جو جلد فيصلو اچڻ گھرجي تہ بار ڪھڙي پاسي آھي ۽ بئنچ ڪھڙي پاسي آھي ظاھر تہ فيصلو اچي چڪو آھي بار عوام طرف ڏسجي پئي ۽ بئنچ اسٽيبلشمينٽ طرف ڏسجي پئي جڏھن تہ ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ طاقت جو سر چشمو عوام آھي جنھن جي طاقت سان حڪومتون ٺھن ۽ ڊھن ٿيون جنھن جي طاقت سان ادارا قائم دائم رھن ٿا جنھن جي طاقت سان رياستون دائم ۽ قائم رھنديون ڊھنديون آيون آھن بس ان عوام جي فيصلي جو انتظار آھي تہ عوام ڪڏھن ٿو فيصلو ڪري تہ ھو ڪنھن جي حق ۾ اٿي گھرن مان نڪري پنھنجا غضب ڪيل حق حاصل ڪري ٿو ۽ ھڪ حقيقي جھموريت قائم ڪرڻ لاء روڊن تي نڪري ٿو ايستائين ملڪ اندر جيڪا بيچيني ۽ بگڙيل صورتحال آھي ان سبب ملڪ جي ترقي و خوشحالي جو جيڪو ڦيٿو آھي اھو جام لڳو پيو آھي جنھن جي ڪري نہ ملڪ ۾ ترقي ٿي ٿئي نہ خوشحالي پئي اچي اچو تہ گڏجي حق سچ جو ساٿ ڏيون اچو تہ پاڻ سان ٿيندڙ ظلم و ذيادتين خلاف آواز اٿاريون جيڪڏھن اڃان بہ اسان اکيون نہ پٽيون تہ پوء ھيء انصاف جو ٻٽو معيار جاري و ساري رھندو ان ۾ نہ قوم ترقي ڪندي نہ ملڪ خوشحال ٿيندو.
