گڊو ٿرمل جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج

گڊو (فرحان قريشي)  آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 747 ميگاواٽ بجلي گهر جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ليبر ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، محمد سليم ڀٽو، نياز سومرو، نواز علي ڏاهاڻي ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اڳئي عوام مهانگائي، بيروزگاري کي منهن ڏيئي رهيو آهي ته ٻئي طرف آءِ ايم ايف جي شرطن تحت منافعي بخش ادارن کي خانگايو پيو وڃي، گڊو ٿرمل پاورهائوس جو 747 ميگاواٽ بجلي گهر ساليانو 4 ارب روپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ادارو آهي، جنهن سان سوين ملازمن جا ڪٽنب پلجي رهيا آهن، حڪمران سوين خاندانن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي غلط رخ طرف وٺي وڃي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته گڊو ٿرمل جي وڪري کي عوامي مفادن جي ڪري وڪرو ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو