غريب جي ڌيءُ لڄا لٽ بعد ٻيو ڀيرو اغوا، پوليس خاموش

مريد شاخ (ارشد فيض گهنڃو) کنڀڙا ٿاڻي جي حدن مان ملزم 12 سالن جي نينگريءَ کي زبردستي اغوا ڪري ويا. نينگريءَ جي پيءُ الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءُ جي لڄ لُٽي وئي آهي. خبر موجب گهوٽڪي ضلعي جي علائقي مريدشاخ شھر جي فقير محلا جي رهواسي پينو فقير مختياراحمد پٽ ملھي فقير احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندس 12 ورهين ڌيءُ قدرت کي ملزم مبينا طور تي هڪ هفتو اڳ کڻي ويا ۽ سندس لڄ لُٽي. مقامي وڏيرن معرفت نينگري واپس ڪئي وئي. جنهن بعد وڏيرن ڳجهيون ڳالهيون ڪرائي ملزم ڌر مٿان 50 هزار جو ڏنڊ رکيو. فقير مختيار ٻڌايو آهي ته مون اهو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ عزت جي ڏنڊ جا 50 هزار نه ورتا. جنهن بعد ملزم عمران پٽ اميربخش ميراڻيءَ ۽ سندس ساٿين منهنجي ڌيءُ کي ٻيهر اغوا ڪيو آهي.

ٻيو ڀيرو اغوا ٿيل نينگريءَ جو پيءُ احتجاج ڪندي

انهيءَ ناحق خلاف فقير مختيار احمد ۽ سندس مٽن مائٽن آچر ڏهاڙي مريد شاخ جي گڊو لنڪ روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو.  فقير مختيار چيو ته منهنجي ڌيءُ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي مونکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن ايس.ايس.پي گھوٽڪيءَ کا مطالبو ڪيو آهي ته سندس معصوم ڌيءُ کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ملزمن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو