زمين تان جهيڙو، پيرسن تي حملو،اسپتال منتقل

ڪنب(صفدرچانڊيو) ڳوٺ علي شير بگٽي ۾ زمين جي معاملي تان رياض حسين بگٽي جي گهر تي پنهنجي ئي برادري جي رسول بخش عرف رسولو بگٽي محمد مراد بگٽي، سڌير عرف ريبو بگٽي ۽ ٻين پاران حملو ڪهاڙيون لڳڻ سبب رياض حسين بگٽي زخمي ٿي پيو زخمي جنهن کي ڪوٽڏيجي اسپتال بعد ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مذڪوره ماڻهون منهنجي گهر تي حملو ڪري عورتن مٿان به تشدد ڪيو ۽ ڪهاڙيون هڻي بيهوشي واري حالت ۾ مونکي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا حملو ڪندڙ بااثر آهن ۽ اسان غريب آهيون هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گهر تي حملو ڪري زخمي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اانصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو