گلوڪارا ۽ ادا ڪارا ڪومل رضوي جي نئين سيريل

ڪراچي (ويب ديسڪ) گلوڪارا ۽ ادا ڪارا ڪومل رضوي وڏي گيپ بعد ٻيهر ٽي وي سيريل ڪري رهي آهي ۽ جلد اوهان کيس ٽي وي تي ڏسي سگهندا. سيفي حسن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هم ٽي وي جي رمضان ۾ نشر ٿيندڙ سيريل ۾ هوءَ جويريا عباسي جي ننڍي نڻان ۽ دانيال ظفر جي ننڍي چاچي جي روپ ۾ نظر ايندي.ڪومل رضوي شوبز ڪيريئر جي شروعات 16 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ سان 1999 ۾ ڪئي هئي پر هن بعد ۾ اداڪاري ۾ سپر هٽ ڊراما به ڪيا هئا. سندس گانو ‘بائو جي بائو جي ڀنگڙا سادي نال پائو جي’ ڪافي مشهور ٿيو هو. هن نئين ڊرامي ۾ اداڪاري جو اعلان پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو