ڪچي ۾ بدنام ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، ٺڪاڻا ڊاهي پٽ

سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي اڳواڻي ۾ سکر جي شاھ ٻيلو واري ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جي وڏي  آپريشن بدنام ڏوھارين جو گھيرو تنگ  ڪري ڇڏيو، وڏي نفري ۽ بڪتر بند گاڏين مارٽر ھٿيارن سان ڌاڙيلن مٿان حملو ڪري ڪيترائي گهر تباهه ڪري ڇڏيا. ٻيلي جي ڪچي ۾ بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي، رحمون خواجو، رحمون ڦلپوٽو سميت ڪيترن بدنام ڏوھارين تي سنڌ سرڪار پاران مارڻ ۽ جيئري گرفتاري تي ھڪ لک کان 20 لک تائين انعام رکيل آھي جن سکر ۽ شڪارپور پوليس کي ڪجھ مھينا اڳ آپريشن دوران وڏو نقصان ڏنو ۽ پوليس آفيسر توڙي پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪيو ھو ان بعد پوليس درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب خاموش ھئي لاٿ ٿيندي ئي پوليس مورچا سنڀالي ورتا آھن ۽ ڏوھارين خلاف سخت آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ڏوھارين جي ٺڪاڻن تي مارٽر ھٿيارن سان حملو ڪري ڪيترائي گھر تباھ ڪري ڇڏيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو