ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان ۾ عوام هن وقت بي انتها پريشان نظير اچي رهيو آهي ، جڏهن ته سياستدان پنهنجي انا خاطر ملڪ جو سودو ڪرڻ لاء تيار آهن ، جنهن جا پڪا ثبوت اهي به آهن ته جن مٿان ڪرپشن جا الزام هنيا اهي هن وقت آزاد آهن ۽ حڪومت هائين پيا ڪي وزيراعظم ته ڪي وفاقي وزير ته ڪن اين آر او 2 جو فائدو وٺندي تمام ڪيس ختم ڪرايا ، جنهن کان بعد ملڪ اندر هن وقت به معيشت تباهه هئڻ ڪري تاريخي مهنگائي آهي ، عوپام بک پيو مري ، سياستدان ٻاهرين ملڪن جا اٽالا ساڻ ڪري دورا پيا ڪن ، هن وقت عوام درپدر آهي ، جڏهن ته ڪپتان جو قافلو پن اسلام اباد طرف وڌي رهيو اهي ، جڏهن قالو راولپنڊي پهچندو ته ڪپتان ان ۾ سامڪل ٿي اسلام اباد جو رخ ڪندو ، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هن ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو رستو نڪري پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، چونڊن جو به ڪو حل نه نڪتو، آرمي چيف جي مقرري تي آئين صلاح مشوري جي اجازت نٿو ڏئي، آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت ٿئي ته ڪو حرج به ناهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته دارا ڪمزور ناهن، ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪي ادارا اثرائتا آهن انهن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ، ادارن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. صدر چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ڏسي ڏک ٿئي ٿو، موجودا حالتن ۾ جيڪو ٿيندو آئين پٽاندڙ ٿيندو، آرمي چيف جي مقرري تي آئين مشاورت جي اجازت نٿو ڏئي، فوج جي سربراهه جي مقرري تي مشاورت ٿئي ته ڪو حرج به نه آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو رستو نڪري اچي پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، چونڊن جو به ڪو حل نه نڪتو، چونڊون تڪڙيون ٿين ته بهتر آهي، جهموري ادارن جي مضبوطي لاءِ ڳالهه ٻول ڪرڻ کپي، فيڊريشن بابت منهنجي ڪوشش آهي ته يڪجهتي هجي ۽ معاملا خراب نه ٿين. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان مشورو ڪري ڪم ناهيان ڪندو، عمران خان پراڻو دوست آهي، کيس ليڊر مڃان ٿو، ڪوشش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا بهتر ٿين. هن چيو ته ادارا سياسي طور استعمال ٿي رهيا آهن، نيب جي قانون جو سياسي استعمال غلط هو، جھموريت ادارن جي ڪري ئي هلندي آهي، خوشي آهي ته اسان وٽ جهموريت هلي رهي آهي، پاڪستان ڪنهن ملڪ، خاص ڪري وڏن ملڪن سان لاڳاپا بگاڙڻ نٿو چاهي، ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا اڻٽر آهن، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿئي ٿي، بدقسمتي سان گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪندا آهن، ملڪ وڏين آزمائشن ۾ آهي، ننڍن ننڍن تڪرارن ۾ ڦاٿل رهياسين ته ترقي نه ڪري سگهنداسين، عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، عورتن کي هراسان ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي ڇو ته جن معاشرن ۾ عورتن کي هراسان ڪيو ويندو آهي اتي ترقي ناهي ٿيندي، سمنڊ پار پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب آفيس ۾ خصوصي ڪائونٽر قائم ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن گورنر هائوس لاهور ۾ ٽيڪس آگاهي جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود، مختلف ايوان صنعت ۽ واپار جي صدرن سميت ٻيون اهم شخصيتون به موجود هيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي ڳاڻيٽي جي حساب سان ملڪ ۾ محصولن جي شرح صرف 9 سيڪڙو آهي، ٽيڪس گڏ ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪن ۽ ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ موثر قدم کڻن. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ٽيڪس ڏيڻ ضروري آهي، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿئي ٿي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪن ٿا، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح کي وڌائڻ لاءِ جامع پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيندو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ رليف ملڻ گهرجي. هن چيو ته سرڪاري معاملن ۾ دير سان رشوت کي هٿي ملندي آهي جنهن سان ڪرپشن وڌندي آهي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان ملڪي ترقي لاءِ اسان کي خوشي سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ٽيڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ڪري سگهجي ٿو پر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪو به بحث نٿو ڪيو وڃي ۽ جيڪو ٽيڪس نٿو ڏي ته رياست کي اهو حق حاصل آهي ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر چيو ته ٽيڪس حاصل ڪرڻ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽيڪس حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي ار کي گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جو استعمال لازمي آهي. صدر چيو ته اها حقيقت آهي ته مشڪل ٽيڪس ڪوليڪشن سسٽم سبب ماڻهو ٽيڪس جمع ڪندڙ ادارن وٽ وڃڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اسان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته سان کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو انهي مان عرض ڪيان ته ڪپتان جا دوست اها ڪوشس ڪري رهيا آهن ته حالات سازگار ٿين ، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪامياب ٿين تاڪه اليڪشن يج راهه هموار ٿئي پر مان عرض ڪيان ته ملڪ دشمن قوتون به پاڪستان ۾ ڪردار ادا ڪن پيو هو چاهين ٿيون ته ڪجهه به ٿئي پاڪستان ۾ هالات سازگار نه يٿن جيئن اليڪشن به نه ٿئي ۽ پاڪ آرمي جي چيف آئيني انداز ۾ مقرري ٿئي ، ۽ انشاء الله ميرٽ تي ٿيندي ، پر جيڪڏهن ميان نواز شريف ميان شهباز شريف جي صلاح مشاورت سان ٿي ته پوء توهان اسان اندازو لڳا.ئي سگهون ٿا ته ملڪ م وهنوار ڪيئن هلندو ، پاڪستان جي فوج جنهن سدائين ملڪ جي بقا سلامتي عوام سان درپيش هر مسئلي تي سڀ کان اڳڀري رهي آهي انشاء الله پيدا ٿيل صورت هال جلد بهتر ٿيندي ء۽ ملڪ اندر استحڪام ايندو ، انشاء الله وري ڪوشش ڪئي ويندي ته ڳالهيون ٿين ۽ اهي ڪامياب به وڃن پر ان لاء ڪجهه ڪپتان کي به پهچو لهجو نرم ڪرڻو پوندو. zawarshah110@yahoo.com
