اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڇنڇر تي وفاقي گادي جي هنڌ اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو ماپڻ واري مرڪز موجب، اسلام آباد ۽ اٽڪ ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ٿيا آهن. زلزلو ماپڻ واري مرڪز جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ زلزلي جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 230 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز هندوڪش، افغانستان هو. ٻئي پاسي، خيبر پختونخوا جي مردان، سوات، پشاور، نوشهره، ۽ صوابي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوه، اتر وزيرستان ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ٿيا آهن.










