ڪورونا جي شرح گهٽجي وئي، 24 ڪلاڪن ۾ 23 فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 22 هزار 211 ٿي ويو، اين سي او سي موجب وائرس جا 902 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 54 هزار 743 ٿي ويو، ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1347 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ مجموعي طور ڪورونا جا 9 لک کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 2 سيڪڙو رهجي وئي آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا جي شرح واڌ ٿي آهي ۽ صوبي ۾ شرح 9 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو