ڪنگنا رناوت تي شنيرا اڪرم جي طنز تي نئون بحث

ڪراچي (ويب ديسڪ)وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ڪنگنا رناوت فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ کان وڌيڪ پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇيندي ۽ ٻين سان گڏ بنا ڪنهن سبب جي جهيڙا ڪرڻ جي لاءِ مشهور آهي اها دلچسپ ڳالهه آهي ته ان جي باوجود هو پاڻ کي معصوم سمجهندي آهي ۽ ان جو خيال آهي ته هو ڪڏهن به ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندي آهي پر ٻيا ماڻهو هن سان جهيڙو ڪندا آهن. تازو ئي هڪ ٽوئٽ ۾ ڪنگنا رناوت ان حوالي سان چيو هو ته مان گهڻي ويڙهاڪ طور مشهور آهيان پر اهو سچ نه آهي. منهنجو رڪارڊ آهي ته  مان ڪڏهن به جهيڙو شروع ناهيان ڪندي جيڪڏهن ڪنهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هميشه مان جهيڙي جي شروعات ڪندي آهيان ته مان ٽوئٽر کي خيرباد چئي ڇڏيندس. مان ته جهيڙو ختم ڪندي آهيان. وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم ڪنگنا رناوت جي ان ٽوئٽ تي طنز ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان جهيڙو نه ڪندا هجو پر اوهان مدر ٽريسا به نه آهيو. شنيرا اڪرم پاران ڪنگنا کي جوابي ٽوئٽ ڪندي پاڪستانين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. جنهن تي ڪيترن ئي پاڪستانين تبصرا شروع ڪيا آهن. ياد رهي ته ڊرامه ڪوئين ڪنگنا اڪثر تڪراري خبرن ۽ پنهنجي جارحاڻي روي سبب اڪثر خبرن ۾ رهندي آهي. 9 سيپٽمبر تي ممبئي ميونسپل وارن سندس بنگلي جو هڪ حصو غير قانوني قرار ڏيندي ڊاهيو ته هن ممبئي کي پاڪستان جو والاريل علائقو قرار ڏنو هو جنهن تي مٿس هم وطنن به وڏي تنقيد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو