ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جو زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ ڪمند جو سرڪاري اگهه في مڻ مقرر ڪرڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ زراعت واري سيڪريٽري اعجاز احمد مهيسر، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شاهينا شير علي، ڪين ڪمشنر، پاسما جي عهديدارن، آبادگار اڳواڻن سميت ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪمند جي سرڪاري قيمت مقرر ڪرڻ جي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آبادگار اڳواڻن سنڌ حڪومت کي ڪمند جي في مڻ قيمت 450 روپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته شگرمل جي مالڪن 425 روپيا ۽ پنجاب جي برابر قيمت مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني. زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪمند جي في مڻ سرڪاري 425 روپيا کان 450 روپين تائين مقرر ڪنداسين، ڪمند جي قيمت هڪ ٻن ڏينهن جي اندر مقرر ڪئي ويندي، اسان چاهيون ٿا ته هارين کي پهريان وانگر ان دفعي به ڪمند جي سٺي قيمت ڏيون ته جيئن وڌيڪ ڪمند جي پوک ڪري سگهن، آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻين صوبائي حڪومت کان وڌيڪ هارين کي ڪمند ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري قيمت ڏيندي پئي اچي جنهن جا اسان شڪر گذار رهنداسين.
