ڪشميرين جي خواھش موجب مسئلي جي حل تائين ساڻن گڏ آھيون،آرمي چيف

راولپنڊي (ڊيسڪ نيوز) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشمير حل طلب مسئلو آھي ۽ جيسين اقوام متحدھ ٺھرائن ۽ ڪشميرين جي خواھش موجب حل نھ ٿيندو تيسين پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو ڪون ڇڏيندو. اسانجي دل جي ڌڙڪ ڪشميرين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اڄ ڀارت جي رياستي دھشتگردي عروج تي آھي. اھڙو اظھار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا يوم دفاع جي موقعي تي يوم شھدا بھ گڏ ملھائڻ لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. ھن چيو تھ اڄ يوم دفاع، يوم شھدا ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي طور ملھايو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسين ڪشميرين کي حالتن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين. تقريب ۾ پاڪ فوج جي شھيدن جي وارثن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف چيو تھ اسين شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، مان يقين سان چوان ٿو تھ شھيدن جون قربانيو ضايع ڪون وينديون. ھن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل نڇاور ڪيا. آرمي چيف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سموري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيد اسان جي سڃاڻپ آهن. جڏهن به ضروت پئي ته فوجي جوانن دهشتگردي خلاف ميدان ۾ لٿا، اڄ جو پاڪستان امن، سلامتي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي ٿو، دهشتگردي خلاف پاڪستان ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻ عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آرمي چيف چيو ته اسان آخري گولي ۽ آخري سپاهي تائين فرض نڀائيندا رهنداسين. ياد رھي تھ 1965 واري جنگ جي 54 ھين ياد جي موقعي تي وفاق ۾ 31 ۽ صوبن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ھوڏانھن صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، بلاول ڀٽو ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جاري ڪيل پيغام ۾ ڪشميرين سان مڪمل گڏ ھئڻ جو اظھار ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو