“ڪشمور جي ختم ڪيل قومي اسمبلي جي سيٽ بحال ڪريو”

پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن پاران 2018ع ۾ نيون تڪبندين ڪندي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ڪشمور ۾ سيٽون گھٽايون ويون آھن. جنهن خلاف ڪشمور ضلعي جي عوام احتجاج به ڪيو پر اليڪشن ڪميشن سندن احتجاج تي ڪن لاٽار ڪئي ۽ ڪو ڌيان نه ڌنو.

ان سلسلي ۾ ڪشمورجي پپلزپارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر حاجي عبدالرئوف کوسو ۽ ڪشمور جي اين اي 197 جو قومي اسيمبلي ميمبر سردار احسان الرحمان مزاري پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ چينلج ڪيو ويو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن موقف پيش ڪندي چيو ته نئين حلقه بندين وقت اعتراض طلب ڪرڻ باوجود درخواست گذار ڪو اعتراض جمع نه ڪرايو. اھڙي موقف جي بنياد تي سنڌ ھاء ڪورٽ درخواستون رد ڪري ڇڏيون ھيون.

جنھن تي درخواست گذارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ھئي ان ۾ درخواست گذارن موجب اليڪشن ڪميشن جي رول8 تحت ڪشمور ضلعي جي آبادي 11 لک کان مٿي آھي. هنن اهو به چيو ته شڪارپور ۾ 6 لک آبادي تي قومي اسيمبلي سيٽ جوڙي وئي آھي ان فارمولي تحت ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ قومي اسيمبلي جون 2 سيٽون ٺھن ٿيون پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو. ڪشمور ضلعي کي قائم ٿئي 15 سال گذري ويا آهن ۽ ضلعي ۾ ٻه سياسي گروپ اهم آهن. ھڪڙو بجاراڻي ۽ ٻيو مزاري گروپ آهن. ڪشمور ضلعي ۾ ٻئي گروپ پيپلزپارٽي جا ٽڪيٽ ھولڊر آھن. بجاراڻي گروپ کي صرف ھڪ ايم پي اي جي سيٽ ملي جنهن تي ميرشبيرعلي بجاراڻي چونڊيو، جڏھن ته مزاري گروپ کي ھڪ قومي اسيمبلي سيٽ تي سردار احسان الرحمان مزاري ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي ميمبر حاجي عبدالرئوف کوسو ۽ ميرعابدعلي سندراڻي واريون سيٽون مليون. قومي جي هڪ سيٽ اليڪشن ڪميشن پاران ختم ڪرڻ خلاف سردار سليم جان مزاري احتجاج ڪندو رهيو پر بجاراڻي گروپ خاموش ھو. سردار سليم جان مزاري جو چوڻ آهي ته اليڪشوڌيڪ چيو ته ضلعي شڪارپور جي قومي اسيمبلي سيٽ 6 لک آبادي تي آھي ان حوالي سان ڪشمور ضلعي جي عوام سان دوکوڪيو ويو ڇو جو مور جي عوام سان زيادتي ڪئي آهي. اسان جو ضلعو ڪافي پوئتي پيل آهي ۽ جيڪڏھن قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون هونديون ته ترقياتي فنڊ وڌيڪ ملندا. ان باري ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر حنيف خان ڊومڪي چيو ته اسان جو موقف اھو آھي ته ڪشمور ضلعي جون ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽون ڪشمور جي عوام جي مفاد وٽان آھي اھو ٿيڻ گھرجي.

جماعت اسلامي جي نائب امير حاجي عبدالفتاح کوسو جو چوڻ آھي ته ڪشمور جي عوام سان نسورو ناحق ڪيو ويو آھي جو اسانجي ھڪ قومي اسيمبلي سيٽ گھٽائي وئي آھي اسان جو مطالبو اھو آھي ته فورن ڪشمور جون ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽون بحال ڪيون وڃن. ڪشمور ٽائون جي چيئرمين ميراسرار احمد کوسو چيوآهي ته اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪبندين جي فارمولي تحت پوري پاڪستان جيان ڪشمور جي عوام کي اعتراض آھن نئين تڪبندين سان ڪشمور ضلعي جي ھڪ سيٽ گھٽجڻ سان ضلعي جو سياسي ۽ معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. اسين اليڪشن ڪميشن کان گھر ڪيون ٿا ته انھي فارمولا تي نظر ٽاني ڪري ڪشمور ضلعي جي سيٽ وڌائي عوام کي پنھنجو حق ڏنو وڃي. (تحرير جي ايم کوسو)

“ڪشمور جي ختم ڪيل قومي اسمبلي جي سيٽ بحال ڪريو”” هڪ تبصرو

  1. ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ روڊ تباھ، جنھن جي ڪري ھر روز حادثه پيش اچن ٿا.

    ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ روڊ تباھ بڻيل نظر اچي رھيو آھي جنھن جي ڪري روز حادثه پيش اچن ٿا. جڏهن ته ڪشمور جي روڊ ۽ رستن جي حالت ايتري ته بدتر آهي جو ماڻهو پائدل سفر ڪن ٿا. روڊن تي سفر دوران ڪيترائي ماڻهو حادثن ۾ ڌم ڌڻي حوالي ڪن ٿا. ھڪ ته ٺيڪيدارن روڊ رستن جو بجيٽ وٺي کائي ڇڏيون آهن. ۽ ڪشمور جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا اکڙي تباھ ٿي ويا.جنھن جي ڪري منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. پھرين ته جيڪي خراب روڊ آهن انهن جي مرمت ڪرڻ گھرجي ۽ پوءِ جن علائقن ۾ روڊ ۽ رستن جي سھولت ناهي انھن علائقن ۾ روڊن جي سھولت ڏيڻ گھرجي.
    ڪشمور ضلعي جا تباھ ٿيل روڊ ۽ رستا ھاءوي روڊ، مين روڊ، گڊو ڏانهن ويندڙ ھاءوي روڊ تباھ ٿيل نظر اچي رھيو آھي . اسين وڏي وزير، صوبائي وزير سميت ضلعي انتظاميا کان گھر ٿا ڪريون ته روڊن جي مرمت ڪرائي کين روڊ ۽ رستا ٺھرايا وڃن جئين ته ڪشمور واسي حادثن کان بچي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو