ڪسٽم جو اڪبر ايڪسپريس تي ڇاپو، غير ملڪي سامان ضبط

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڪسٽم پوليس ۽ ريلوي پوليس جو ڊپٽي ڪليٽر سکر رينج عمران رسول جي سربراهي ۾ خفيه اطلاع تي روهڙي اسٽيشن تي اڪبر ايڪسپريس ٽرين تي ڇاپو هڻي اسمگل ٿيندڙ 5 ڪروڙ رپين جي ماليت کان وڌيڪ غير ملڪي سگريٽ، پان پراگ ،ڪپڙا، ٽائر ۽ ٻيون مضر صحت شيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪسٽم جي ذريعن موجب روهڙي اسٽيشن تي پڪڙيل سامان جي ماليت تقريبن 5 ڪروڙون کان به وڌيڪ آهي ڊپٽي ڪليٽر ڪسٽم چيو ته اسمگلنگ جهڙي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارروائيون جاري رکيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو