ڪروڙين روپيا پگهار، سموسو چوري ڪرڻ تي نوڪري چٽ

دلي (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ ڪروڙين روپيا پگهار جي باوجود ڪينٽين مان سموسو چوري ڪندڙ ملازم کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي سٽي بئنڪ لنڊن ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪندڙ ڀارتي شخص پارس شاهه جي 10 لک پائونڊ سالياني پگهار هئي پر پوءِ به هو سموسي جهڙي معمولي چوري کان نه مڙيو. ڀارتي ميڊيا آئوٽ ليٽ انڊيا ٽوڊي موجب پارس شاهه بابت سٽي بئنڪ ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو. اها به خبر ناهي ته هو اڳ ۾ به کاڌو چوارائيندو رهيو آهي يا نه. سندس پگهار پاڪستاني روپين ۾ 20 ڪروڙ کان مٿي ٺهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بئنڪ ڪجهه هفتن اندر ملازمن لاءِ بونس جو اعلان ڪرڻ واري هئي پر ملازمت مان ڪڍڻ سبب پارس شاهه کي بونس کان به محروم ٿيڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو