ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ڊاڪخاني جي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا. ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران ٻڌايو ته ٻئي ڌاڙيل شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا، جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي اڻ ڳڻي (اندهاڌند) فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا.ڊاڪٽر عمران وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ٻنهي جوابدارن جو ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، ٻنهي ڌاڙيلن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ٻين ساٿين کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جن کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.










