ڪراچي ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون،مختلف علائقن مان بجلي غائب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون کان پوءِ مختلف علائقن  مان بجلي غائب ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون  ٿيو آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن مان بجلي غائب ٿي وئي آهي. سخت گرمي ۾ بجلي جي بندش سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن. ذريعن موجب هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سبب ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سبب ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن جي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب هائٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سبب 25 گرڊ اسٽيشن متاثر ٿيون آهن ۽ نيو ڪراچي، گلشن اقبال، لياقت آباد، بفرزون، شادمان ٽائون، نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون، ايف بي ايريا، نارٿ ناظم آباد، گلستان جوهر، منظور ڪالوني، پي اي سي ايڇ ايس، گلستان جوهر، ملير، ناظم آباد، ڪورنگي، کارادر، صدر، برنس روڊ، شاهه لطيف ٽائون، ڊي ايڇ اي فيز 2 ۽ اسڪيم 33 ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.ٻئي طرف چيو ويو آهي ته ڪراچي کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ اين ڪي آءِ بلديه 1 ۽ 2 ٽرانسميشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. باقي ملڪ جو سمورو سسٽم هن وقت نارمل آهي. اين ٽي ڊي سي ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جا اهلڪار بجلي جي بحالي ۾ مصروف آهن. ٽرپنگ جي سببن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو