ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري مذاق ، محمد فاروق ٻرڙو

ھڪ ڀيرو وري ٻيهر سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اھو ڪو پھريون ڀيرو ناھي جڏهن به ڪراچي ۾ ڪو مسئلو ڪر کڻندو آهي ته وفاق جون حڪومتون توڙي پاڻ کي ڪراچي جي وارث سڏائيندڙ ايم ڪيو ايم به اھڙا شوشا ڇڏي سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف پھچائينديون رھيون آھن ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جو ردعمل سامهون ايندو آهي ته معافي تلافي ڪري خاموش ٿي وينديون آهن، ھن ڀيري جڏهن ٻيھر برسات جي اڳڪٿي ڪندي شھري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو ته وري اھڙو شوشو ڇڏيو پيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو به چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي يتيم ۽ نابالغ آئين جي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اھي ڳالھيون پاڻي جي ڦوٽي وانگر آھن، جيڪي وقت سان گڏ ختم ٿي وينديون، وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو بيان پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ جنھن آرٽيڪل جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان ۾ ڪٿي به ائين ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪا ھنگامي صورتحال ٿئي ته اھو علائقو وفاق حوالي ڪيو وڃي، آرٽيڪل 149 جي شق 4 موجب جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ھنگامي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته وفاق ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ صوبي کي ھدايت ڏئي سگهي ٿو ان جو مطلب اهو ئي ٿئي ٿو ته ڪرڻو صوبي کي ئي پوندو ۽ عملداري به صوبي وٽ ئي رھندي ٻي صورت ۾ آئين جي ان شق ۾ ترميم ڪرڻي پوندي جيڪا موجوده حڪومت لاءِ ڪنھن به طرح ممڪن ناهي جيڪڏهن ان جي ڪا ٻي تشريح ڪرڻي آهي تڏهن به ڪارگر ثابت نه ٿيندي پر جيئن ته ماضي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي خواهش رکندڙ اھڙا سبب ڄاڻائيندا رھيا آھن ان ڪري ھن ڀيري انھن کي ڪراچي جا گٽر نالا ياد اچي ويا آهن، اھا حقيقت آھي ته ڪراچي ۾ گٽر نالا صاف ھجڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيل برسات کان پوءِ جيڪا حالت انھن گٽرن نالن جي ڏٺي وئي اھا ڪنھن به طرح ٺيڪ نه ھئي. سنڌ حڪومت جي اھا ذميواري ٿئي ٿي ته ھو ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪري ۽ فوري طور شھر جا گٽر نالا صاف ڪرائڻ واري عمل ۾ پاڪ فوج ۽ ايف ڊبليو او جي عملي سان ڀرپور سھڪار ڪري ۽ ان عمل جي نه رڳو نگراني ڪري پر ان ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ملائي. ڪراچي سنڌ جي دل ۽ ملڪ جو وڏو معاشي حب آهي ان کي ھر طرح جي آفت کان بچائڻ گھرجي پر ھر ڀيري ان تي سياست ڪري ان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، بنيادي طور ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ڀلي ان کي ڪراچي مان ووٽ گهٽ مليا آهن پر صوبي جي عملداري سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڻ کان الڳ ڪندي ۽ ان جي مسئلن کي اھميت نه ڏيندي ته پوءِ انھن ڌرين کي سبب ڄاڻائڻ جو موقعو ملندو جيئن ٻن وفاقي وزيرن فوڊ سڪيورٽي جي وزير سيد فخر امام ۽ سڌ سماءَ جي وزير شبلي فراز اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنھنجا معاملا ٺيڪ نه ڪيا ته پوءِ گورنر راڄ آئيني عمل آهي، وفاقي وزيرن جو اھو بيان به سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻ جو چتاءُ آهي، ساڳي طرح ڪراچي تي سياست ڪندڙن کي به گھرجي ته اھي پنھنجون خواهشون پاڻ وٽ ئي رکن ۽ بار بار ڪراچي کي ڌار ڪرڻ، الڳ صوبو ٺاهڻ ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا شوشا ڇڏي سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف نه پھچائن ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ يا وفاق جي حوالي ڪرڻ نه ڏيندا، گهٽ ۾ گهٽ جيڪي کائن سنڌ جو ٿا انهن کي ته نمڪ حرامي نه ڪرڻ گهرجي.                farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو