ڪراچي کان به وڏي برفاني ڇپ 37 سالن کان پوءِ سمنڊ ۾ ترڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمنڊ ۾ 3 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ڦاٿل رهڻ کان پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي برفاني ڇپ اڳتي وڌڻ لڳي آهي. اي 23 اي نالي اها برفاني ڇپ 1986ع ۾ انٽارڪٽيڪا جي سامونڊي علائقي کان ڌار ٿي ويڊل سمنڊ جي تهه ۾ رڪجي هڪ برفاني ٻيٽ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. 1500 چورس ميل تي پکڙيل اها برفاني ڇپ ڪراچي کان به وڏي آهي. واضح رهي ته ڪراچي جي ايراضي 1360 چورس ميل آهي. برٽش انٽارڪٽڪ سروي (بي اي ايس) موجب 1986ع کان اها ڇپ رڪيل هئي پر آگسٽ 2022ع کان اها جيئن جو تيئن اڳتي وڌي رهي هئي. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب مئي 2021ع ۾ اي 76 دنيا جي سڀ کان وڏي برفاني ڇپ جو اعزاز اي 23 اي کان کسي ورتو هو. پر آڪٽوبر 2022ع ۾ اي 76 اي 3 حصن ۾ ورهائجڻ تي اهو رڪارڊ وري اي 23 اي وٽ هليو ويو. اها برفاني ڇپ لارسن آئيس شيلف مان گذري سائوٿ اٽلانٽڪ ۾ داخل ٿي رهي آهي. سائوٿ جارجيا آءِ لينڊ ڏانهن لڙهندڙ اها برفاني ڇپ جيئن جو تيئن ڳرڻ لڳندي. ان برفاني ڇپ جي برف جي ٿولهه 400 ميٽر آهي ۽ سائنسدانن پاران ان جي سفر جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، ڇو جو ان خطي جي سامونڊي جيوت کي خطرا ٿي سگھن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو