ڪراچي ويندڙ ڪوچ ڪلٽي 4 فوت 20 مسافر زخمي

نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، 20 مسافر زخمي، اسپتال داخل. خبر موجب ڊيرا اسماعيل خان کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ نوشهروفيروز قومي شاهراهه تي سڌوجا وٽ ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب روڊ تان لهي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي قاري حافظ غلام قادر تبسم، بلاول علي ۽ هڪ نامعلوم همراه جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته زخمين ۾ سرفراز احمد، غلام نبي، امام بخش،  ڪريم ڏنو، فياض علي، جنيد احمد،  لعل بخش، جيرو، پياس علي ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه زخمين کي مورو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو