ڪراچيءَ ۾ 25 ۽ 26 سيپٽيمبر تي بارش ٿي سگهي ٿي

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) موسميات کاتي پاران امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته هلندڙ مهيني جي 25 ۽ 26 تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته عربي سمنڊ ۾ موجود ”ڊيپ ڊپريشن“ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي جيڪو ڪراچيءَ جي ڏاکڻين اولهائين حصي کان 510 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 24 ۽ 25 سيپٽيمبر تائين سامونڊي طوفان عمان جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. چيو ويو آهي ته 25 سيپٽيمبر کان ڪراچيءَ جي آسپاس سامونڊي هوائون هلڻ معمول تي اچي وينديون. جنهن جي ڪري ڪراچيءَ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ سامونڊي طوفان پاڪستاني سرحدي پٽيءَ تائين پهچڻ جو انديشو ناهي ان هوندي مڇي ماريندڙ ملاحن کي چيو ويو آهي ته اهي گهري سمنڊ ڏانهن نه وڃن. واضح رهي ته هوائون بند هجڻ سبب ڪراچيءَ ۾ گرمي چوٽ چڙهيل آهي ۽ شهر ۾ گرمي پَد 38 کان 40 سينٽي گريڊ وچ ۾ رهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو