ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع

ڪاڪول(ويب ڊيسڪ)ٽي 20 سيريز ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪاڪول ڪيمپ ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع ٿي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) خميس تي ايبٽ آباد جي ڪاڪول ۾ فٽنس ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قومي ٽيم جا رانديگر ٽريننگ ۾ مصروف آهن.پاڪستان ٽيم جا امڪاني رانديگر آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ سينٽر ڪاڪول ۾ 2 سيشنز ۾ ٽريننگ ڪري رهيا آهن.پهريون سيشن افطار کان اڳ ٿيندو آهي، جنهن ۾ رانديگر سائيڪل هلائيندا، بيڊمنٽن کيڏندا ۽ ٽريڪ تي ڊوڙندا.افطار کانپوءِ فلڊ لائٹس ۾ آرمي ٽرينر جي نگراني ۾ ڪرڪيٽرز کي مختلف مشقون ڪرايون وينديون آهن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪاڪول ڪيمپ ۾ قومي ٽي 20 رانديگرن ٻن مرحلن ۾ ٽريننگ ڪئي، ايبٽ آباد ۾ برسات سبب رانديگر انڊور جسماني سرگرمين ۾ مصروف هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو