ڪامياب فلم دي ڊونڪي ڪنگ تُرڪي زبان ۾ رليز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين ڪامياب ترين اينيميٽڊ فلم دي ڊونڪي ڪنگ ڪاميابي جو هڪ وڌيڪ سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. دي ڊونڪي ڪنگ هاڻي تُرڪ زبان ۾ به رليز ڪئي وئي آهي ۽ فلم اڄ کان تُرڪي جي 100 کان وڌيڪ اسڪرين تي نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته جيو فلمز جي اينيميٽڊ فلم دي ڊونڪي ڪنگ ڪوريا، اسپين ۽ روس جي مقامي زبانن ۾ رليز ٿي رڪارڊ بڻائي چڪي آهي. واضح رهي ته دي ڊونڪي ڪنگ پاڪستان جي پهرين ايني ميٽڊ فلم آڪٽومبر 2018 ۾ سينما گهرن جي زينت بڻجي هئي جيو فلم ۽ تلسمان اسٽوڊيو جي گڏيل جدوجهد سان اها فلم بڻائي وئي هئي. فلم ۾ افضل خان عرف جان ريمبو منگو جڏهن ته حنا دلپزير لومڙي جي صداڪاري ڪئي آهي. ٻين صداڪارن ۾ جاويد شيخ، عديل هاشمي، شفاعت علي، غلام محي الدين، فيصل قريشي، شبير جان، ماني، اسماعيل تارا ۽ عرفان کوسٽ شامل آهن. ايني ميٽڊ فلم رليز ٿيڻ کان پوءِ 25 هفتن ۾ 24.75 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو