ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس،نيلامي خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو اعلان

مٺي (ن س)قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران مٺي ۾ ڪارونجھر بچايو ٿر بچايو ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھو شرڪت ڪئي،ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ ٿئي. مٺي پھچڻ تي ڪارڪنن، شھر جي واپارين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. ڪانفرنس کي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي اعلان ڪيو تہ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سڀاڻي (اڄ) سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ڪيا ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجهر جا جبل سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو سرمايو آهن. ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن ۽ قومي ورثي جي نيلامي جي مذمت ڪيون ٿا. پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي تهذيب ۽ وسيلن کي وڪرو ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٿر ۽ ٻين ضلعن ۾ انڊسٽريل زون ٺاهيا وڃن ۽ ٿر کي يونيورسٽي ڏني وڃي. ٿرپارڪر جي ڳوٺاڻن ٻارن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪيون. حڪومت ڪميشن حاصل ڪرڻ ۽ دولت ڪمائڻ لاءِ ڪارونجھر جا قدرتي وسيلا وڪرو ڪري رهي آهي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جون قيمتون م گهٽايون وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀني غير قانوني پرڏيھين کي واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو جڏهن دهشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو. سردارن ۽ وڏيرن نياڻين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. ٿر ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي مستقل رهواسين جون خوشيون ۽ ڏک گڏيل آهن. پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي. سنڌ جي ملازمن سان وفاقي کاتن ۾ تعصب ڪيو پيو وڃي. پندرهن سالن کان سنڌ ۾ گورننس ۽ عوامي سهولتن جو بحران آهي. سنڌ ۾ منشيات جي وڪرو، ڏوھ ۽ ڪرپشن کي برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن سبب هر سال سوين ماڻهو مري رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي. حڪمران ٻڌي ڇڏين، اسين ڪارونجھر وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. حڪمران ٻڌائين ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي چونڊن کان اڳ شفافيت لاءِ روڊ ميپ ڏيڻو پوندو. سڀني نگران حڪومتون شفاف ۽ غير جانبدار هجڻ گهرجي. احتساب عدالتن مان سنڌ ۾ ڪرپشن ڪيسن ۾ ڇو رليف ڏنو پيو وڃي؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ملڪ ۾ مهانگائي، غربت ۽ ميرٽ جي تباهي تي سخت خدشا آهن. ڪارونجهر جبل نہ پر هڪ اجتماعي وسيلو آهي، هي پهاڙي سلسلو هڪ ئي وقت سياحت، ثقافت، ورثو، مذهبي عقيدت، آبپاشي، زراعت، دفاع، معيشت، جهنگلي جيوت جو تحفظ، سرسبز جهنگ ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ آهي، ڪارونجهر کي ڪٽڻ جو مطلب ننگرپارڪر جي ماڻهن جي زندگي جي سمورن وسيلن کي ڪٽڻ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجهر، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪيو ويندو. پاڻي، جبل، سمنڊ، ٻيٽ، زمين جي ھيٺان وسيلا پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا ٽولي جا ناھن، اھي ھزارين سالن کان اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاء دنيا ختم ٿيڻ تائين انھن جي ملڪيت رھندا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجهر جي جيڪا تاريخ آھي يا کير ٿر يا جيڪي سنڌ جا ننڍا وڏا ٻيا جبل آھن، اھي انسانن، جانورن، پکين ۽ آبي جيوت جو اجھو آھن، اھي انسانن جي جياپي جو ذريعو آهن، انھن ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو اھو پاڻي نئين جي صورت ۾ آباشارن ء تلائن جي صورت ۾ اچي ٿو، اھي سولائيزيشن جا نشان آهن، اھي سنڌ جي ھزارين سال اصلوڪن ماڻھن جي ڪلچر، اٿي ويٺي ڪسٽم ٽريڊيشن، لوڪ گيتن، ڪھاڻين ۽ داستانن جو حصو آھن، مذھبي رواداري جو حصو آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ سنڌ بيواھ ۽ ننڌڻڪي آهي، ان جو پيٽرول، گيس، وسيلا، ٻيٽ، سنڊ، گرينائيٽ، ڪوئلو ان جو سڀ ڪجھ ڪڍي وٺجي ۽ پوء ان کي ٺانٺو ڪري جيئن ڪمند جو جوس ڪڍي ڦوڳ اڇلائي ڇڏيو ويندو آهي، تيئن سنڌ کي ڦوڳ بڻائي اڇلائي ڇڏجي، ان ڦوڳ ۾ اربين، کربين روپين جو گرينائيٽ آهي، اھو گرينائيٽ ڪو سنڌ حڪومت، زرداري ٽولي پيپلزپارٽي جو ڪونھي، اھو سنڌي ماڻھن جو آھي ۽ ٿر جي رهواسين جو آھي، ٿر ۾ ماڻھو بکن سبب مرن پيا، مائون خودڪشيون پيون ڪن، ٻارن وٽ کير ڪونھي، مائون جن جي ڇاتين ۾ کير ڪونھي جو ٻچا پين، اتان گرينائيٽ ڪڍي، ان ذريعي وري ترقي ڏياريندا، ان ۾ سنڌ جي حڪومت، سنڌ جو مائين اينڊ منرل کاتو، قدرتي وسيلن جو وفاقي کاتو، فاريسٽ، وائيلڊ لائيف ڇو تہ ڪارونجهر تي جھنگلي جيوت بہ آھي، وڻ بہ آھن، جبل بہ آھن، اھي سڀ کاتا ڪارونجهر جي تحفظ جا ذميوار آهن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان سنڌ جي ماڻھن کي ٻڌايو ٿو وڃي تہ ڪارونجهر مان گرينائيٽ نڪرندو ۽ وڏو فائدو ٿيندو، پاڻ سڀني کي خبر آهي تہ سنڌ حڪومت پاڻ کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيتري بيچين آھي۔ سنڌ حڪومت چيو ذوالفقار آباد ٺھندو پاڻ کي فائدو ٿيندو، ٻيٽ پنھنجا ويندا پاڻ کي فائدو ٿيندو، گيس ۽ بجلي ويندي پاڻ کي فائدو ٿيندو ۽ ھاڻي گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، پنھنجو تيل ويندو پاڻ کي فائدو ٿيندو، افغاني ايندا پاڻ کي فائدو ٿيندو، 1947ع ۾ جيڪي لوڌون آيون ۽ پاڻ کي فائدو ٿيو، پاڻ سنڌ جا ماڻهو جاوا پيا ڪيون۔ ٺٺ پيا ڪيون۔ پاڻ اڏجي ويا سين، تنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن کي فائدي وارو راڳ ٻڌايو ٿو وڃي، ٿر جا ٽپڙ سڀ تين وال ڪنداسين پوء سنڌين کي فائدو ٿيندو، ٿر مان جيڪو ڪوئلو نڪتو ان مان ٿر واسين کي ڪھڙو فائدو حاصل آھي، ٿر واسين کي ملندي ٽرڪ ڊرائيوري ۽ ٻي مزدوري، ان ۾ بہ ڪو دودو ڀيل ويندو آهي تہ ان کي ماري ڇڏيندا آهن، ٿر کي ڪاروبار سمجھي ان جا ٽپڙ سڀ تين وال ڪيا پيا وڃن، انھن کي ڪارونجهر کي پڪنڪ پوائنٽ آھي، سياح گھمڻ اچن ٿا، وسڪاري ۾ لکين ماڻھو گھمڻ ايندا آهن ۽ مقامي ماڻھن جو گذر سفر ٿيندو آهي، دنيا ۾ اھڙن مقامن کي ھل اسٽيشنن کي ٺاھيندا آھن، جيئن اتي سياح اچن ۽ مقامي ماڻھن جي ڪمائي ٿئي، ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ بڻائڻ گھرجي ھا، ھتي رزاسسٽ ھئڻ کپن ھا، ھتي ھوٽلون ء رھائش ھجڻ کپن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي وارا سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجھن ٿا، جيڪا اقتدار لاء سنڌ جي تيل، گئس، ٻيٽن، سامونڊي پٽي، ڪوھستان، ٿر جي ڪوئلي، ڪارونجھر، گورک، درياھ جي پاڻي ۽ ٻين وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي۔ زرداري کي ڪنھن بہ قيمت تي اقتدار ۽ پئسا گھرجن۔ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا لاءِ قوم، وطن ۽ ڌرتي جا وسيلا ڪا بہ معني نٿا رکن، ٿر ۾ ٻارن جو موت ۽ وسيلن جي ڦرلٽ حڪمرانن جي اھا ايجنڊا رھي آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ميرٽ ۽ برابري چاهيون ٿا. ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. چئني صوبن جون زمينون ۽ وسيلا انهن صوبن جي عوام جون آهن، اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي سبب عوام سخت پريشان آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تي بار بار حڪومت ڪندڙ ڪرپشن ۽ تباھي جا ذميوار آھن۔ پيپلز پارٽي جا وزير عوام جي دولت لٽي ارب پتي ٿي ويا آھن۔ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ ڪروڙين ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي۔ 50 سيڪڙو ڪميشن جي ڪري روڊ، گھٽيون، اسڪول، اسپتالون، ڊرينيج ۽ ٻيا عوامي منصوبا 6 مھينا بہ نٿا ھلن ۽ کنڊر ۽ برباد ٿي وڃن ٿا۔ سنڌ ۾ ڀائچاري جي ضرورت آھي، پرامن ۽ عوام دوست سياست ذريعي جدوجھد ۽ مقابلي جي ضرورت آھي، دنيا ۾ حڪمران تعليم، صحت، سائنس، روزگار جي وسيلن ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن، پر اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني وڏو مسئلو آھي، جنھن ڪري عام ماڻھو انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، 18ھين ترميم تحت سمورا کاتا صوبن حوالي آھن، پيپلز پارٽي حڪومت صوبائي خومختيار کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. تعليم، صحت، فشريز، بلديات، اريگيشن، روينيو، ٽرانسپورٽ، ثقافت سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ٻي کاتي کي مات ڏئي رھيو آھي. پندرهن سالن ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين پھچي وئي آھي۔ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ حڪمران پنھنجي ڪارگردي جي تصوير بدحال ڪيل سنڌ جي آئيني ۾ ڏسن، سنڌ ۾ ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ويا آهن۔سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاء سنڌ جي وحدت کي داء تي لڳائي ڇڏيو آھي، 15 سالن کان جاري پ پ حڪومت سنڌ کي ڪنگال بنائي ڇڏيو آھي، ڪرپٽ حڪمرانن وٽ غريب عوام لاء ڪو احساس ناھي۔ اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي۔ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي عوام کي بدحال ڪن ٿا۔ سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي۔ معدني وسيلن ،سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي، مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل،ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻڻ ۾ پورا آهن. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ايڊووڪيٽ مصطفي ھنگورجو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي وئي آهي، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بہ پريشان آھي. زاهد گل اوٺو خطاب ڪندي چيو تہ ڪارونجهر جبل جي ڪري ٿر جي ماڻهن جي زندگي هلي ٿي. هتان کان نڪرندڙ ٻارهن کان وڌيڪ برساتي نديون ۽ چشما ننگر پارڪر جي ڏيڊ لک کان وڌيڪ آبادي سان گڏ جانورن جي جياپي لاءِ پاڻي جو واحد ذريعو آهن، ڪارونجهر جي ڪٽائي سان ٿر جي سونهن ختم ٿي ويندي. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي، سنڌ دشمن سازشن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويھنداسين. ڪرڙ ريٻاري پيپلز پارٽي حڪومت ڪڏھن بہ عوام جي مشڪل وقت ۾ واھر نہ ڪئي آھي۔ سنڌ حڪومت جي وزيرن ھميشہ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کي ڪمائي جو ذريعو بنايو آھي۔ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي. سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي. ڪانفرنس کي اشرف بلوچ، سليم چنا، خادم سمون، رشيد گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو