حيدراباد ( رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪارونجهر جي نيلامي واري حڪومتي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سڄي دنيا جا ملڪ تاريخي، ثقافتي ۽ ماڳن ۽ منفرد حيثيت رکندڙ اثاثن جي حفاظت ڪندا آهن پر افسوس سنڌ جي زمينن کان پوءِ پ پ پ سرڪار هاڻي سنڌ جا تاريخي ماڳ به نيلام ڪرڻ جا هوڪا ڏئي رهي آهي جيڪو انتهائي شرمناڪ عمل آهي. ڪارونجهر نه صرف پنهنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو پر هڪ منفرد دل لڀائيندڙ ماڳ آهي جنهن کي وڌيڪ خوبصورت جي بدران ان کي وڪرو ڪري ڪٽائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙي شرمناڪ حڪومتي فيصلي کي سنڌ نه صرف مڪمل طور رد ڪري ٿي پر جيڪڏهن پ پ پ جي سنڌ حڪومت اهو فيصلو واپس نه ورتو ته سڄي سنڌ پنهنجي ماڳن جي حفاظت جي لاءِ روڊن رستن تي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل پندرنهن سالن ۾ پ پ پ حڪومت ۾ ان جي وزير مشيرن ۽ اڳواڻن صرف ڪرپشن ڪري پنهنجا اڪائونٽ ڀريا ۽ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي ڪئي آهي انڪري هاڻي سنڌ جي عوام کي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي مفادن وٽان ووٽ ڏيڻو پوندو. اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪري سگهن ۽ سنڌ جي اندر خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙين.
