نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا جي مشهور اداڪار لي سن-ڪيون جو لاش ڪار مان مليو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 48 ورهين جي اداڪار جو لاش راڄڌاني سيئول جي علائقي ۾ هڪ ڪار مان هٿ آيو، جنهن کانپوءِ شڪ ڪيو پيو وڃي ته هن خودڪشي ڪئي آهي.رپورٽن مطابق اداڪار کان منشيات ۽ ٻين مسڪينن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان اسڪينڊل سبب اداڪار کي ماضي ۾ ٽي وي ۽ ڪمرشلز ۾ ڪم ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو.










