ڏينھن ۽ پاڪستان ۾ تعليم جو معيار

سجاد ظهير
خواندگيءَ جو عالمي ڏينهن 8 سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. گڏيل قومن جو ادارو يونيسڪو 1946ع کان عالمي خواندگيءَ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. تنهن هوندي به، خواندگيءَ جي شعبي ۾ حڪومتن، مقامي برادرين ۽ ماهرن سان گڏجي عالمي خواندگي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ مختلف تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. دنيا جي ٻين ترقي يافتہ ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ تعليم جو نظام تسلي بخش نه آھي. ھتي امير ۽ غريب لاء ھڪ الڳ الڳ نظام تعليم آھي.
اچو ته موجوده تعليمي صورتحال تي بحث ڪريون ۽ ڏسون ته سڄي دنيا ۾ تعليم کي ڪيتري اهميت ڏني پئي وڃي. جيتوڻيڪ، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ تعليم مفت ناهي، جڏهن ته استادن جي پگهارن سميت يونيفارم ۽ اسٽيشنري جو بار ٻارن جي والدين تي لاڳو ڪيو وڃي ٿو. هڪ تحقيق موجب پرائمري اسڪولز ۾ داخلا جي عمر وارا 11 ڪروڙ 50 لک ٻار بنيادي تعليم کان محروم آهن. ڇو ته، اهي روزي جي ڳولا ۾، رلڻ ۽ دڪانن تي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جڏھن تہ سڄي دنيا ۾ 22 ڪروڙ 60 لک ٻار سيڪنڊري تعليم حاصل نه ڪري سگهيا آهن. جنھن جو سبب تعليم جو معيار انتھائي مھانگو ۽ مڊل ڪلاس طبقي جي پھچ کان مٿي ھجڻ آھي.
جڏھن ته ھڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ عورتن ۾ اڻ پڙهيل تناسب مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. دنيا جي 20 ترقي يافته رياستن ۾ تقريبن 70 سيڪڙو ناخواندگي جو تناسب آهي. مطلب ته اهڙن ملڪن ۾ صرف 30 سيڪڙو عورتون تعليم يافته آهن. جڏھن ته حيرت جي ڳالھ آھي ته هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحانن ۾ ناڪامي جي خوف هيٺ تعليم حاصل ڪن ٿيون جنهن سبب هو اعليٰ تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي پڙهائي ڇڏي ويندا آهن. لکين ٻار مالي بحران، ميرٽ جي لتاڙ، صنفي فرقن ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڪري تعليم کان محروم آهن.
ان سان گڏ، پاڪستان ۾، تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، جن کي ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪري سگهجي ٿو. اهڙا ڪيترائي منظر آهن، جيڪي تعليم جي شعبي ۾ موجود خطرناڪ ۽ خراب صورتحال کي ظاهر ڪن ٿا. سڀ کان نمايان اسان جي پياري ملڪ ۾ تعليمي نظام جي متنوع نوعيت آهي. بدقسمتيءَ سان هن وقت ملڪ ۾ هڪ يونيفارم سسٽم بدران ٻه نظام رائج آهن، يعني سرڪاري (PUBLIC) ۽ غير خانگي اسڪول (NON-PRIVATE SCHOOL) ۽ الائٽ اسڪول (ELITE SCHOOL) آھن. اهي ٻئي نظام هڪ ٻئي کان مڪمل طور تي مختلف آهن. اهي مختلف پهلوئن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن، نصاب، تدريس جا طريقا يا امتحاني نظام هڪ ٻئي کان مختلف آهن. انهن ۾ شاگردن جو تناسب ۽ تعليم جو معيار به تمام گهڻو مختلف آهي. اشرافيه اسڪولز (ELITE SCHOOLS) جي حوالي سان، اهي خاص طور تي امير طبقي جي خدمت ڪن ٿا. مڊل ڪلاس خاندانن جا ٻار پنهنجي ٻارن کي اهڙن ادارن ۾ داخل ڪرائڻ جو تصور ئي ڪري سگهن ٿا.
ان سڄي صورتحال کي بھتر بنائڻ لاء عالمي اداري يونيسيف، اسپارڪ ۽ ايڪٽيڊ جھڙن ادارن جون ڪوششون قابل تعريف آھن. مقامي اين جي او اسپارڪ پاران جنھن انداز ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٻارڙن لاء سھولتون مھيا ڪيون وڃن ٿيون تنھن مان اميد آھي ته پاڪستان ۾ تعليم جي شرح بھتر ٿيندي. اسپارڪ طرفان مختلف اسڪولز ۾ مفت ڪتاب، ٿيلھا، سولر پينل، پکا، صفائي جو سامان، ٽيمپريري لرننگ سينٽرز سميت ٻيون سھولتون مھيا ڪيون وڄن ٿيون جيڪا قابل تعريف آھي.
بحرحال، خواندگيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تعليم جي صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جو ملڪ ھن وقت انيڪ سماجي ۽ سياسي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جو بنيادي سبب ناقص تعليمي نظام جو ھجڻ آهي. انهن سمورن چئلينجز جو حل مضبوط ۽ متحرڪ تعليمي نظام ۾ آهي. اهو صرف تڏھن ممڪن آھي جڏھن امير ۽ غريب جي ٻارن لاء ھڪ جھڙو نظام تعليم مھيا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو