ڏياري جا ڏيئا

حسن منور گورچاڻي
مذهب چاهي ڪو به هجي پر بُرائي جي سڀ ئي مذمت ڪن ٿا، ڏياري به هڪ اهڙو ئي ڏڻ آهي جيڪو سچائي جي جيت ۽ بُرائي جي هار ٿيڻ تي خوشي طور ملهايو وڃي ٿو، راوڻ جي هار تي سندس پُتلا ساڙي هندو ڌرم پيغام ڏي ٿو ته هو سچ جي حمايت ۽ برائي کان نفرت ۽ سندس مذمت ڪري ٿو، شري رامچندر جڏهن شيطان راوڻ کي شڪست ڏيئي پنهنجي راڻي سيتا کي وٺي واپس پنهنجي ملڪ آيو ته اتي سندن جي موٽي اچڻ جي خوشي ۾ ڏيئا ٻاري چراغان ڪيو ويو، اڄ به خوشين ۾ چراغان ٿين ٿا ۽ اهي روشنيون ان ڳالھ جو مظهر هونديون آهن ته حق جي روشني ظالم ۽ سندس ظلم تي هميشه غالب رهندي حق جو مان سدائين مٿاهون رهندو ۽ ڏاڍاين جي رات ڪيڏي به انڌيري هجي پر اميد جا ڏيئا انجي سيني کي چاڪ ڪري سهائي ضرور ڪندا.
غلط، خراب ۽ بُرو ته چاهي جنھن به شڪل ۾ هجي قابلِ مُذمت آهي ۽ هر اهلِ ضمير ان جي مُذمت ڪندو پوءِ ڀلي اُهو مصر جو فرعون هجي يا بابُل جو نمرود هجي شام جو يزيد هجي يا پوءِ لنڪا جو راوڻ هجي.
هر انسان ۽ هر مذهب هر وقت ۾ سندن مذمت ڪندا، مذهب چاهي ڪوبه هجي پر سندس تعليم جو مڪمل حاصل حق جي رستي تي هلڻ ۽ باطل کان دوري اختيار ڪرڻ ئي آهي، اڪثر دوست سوال ڪن ٿا ڇا مذهب ضروري آهي ۽ اگر ضروري آهي ته ڇو ضروري آهي..!
آئون چوندس ته بلڪل مذهب ضروري آهي ۽ بي انتها ضروري آهي ڇو ته انسان اهو بي لگام جانور آهي جنهن کي اگر مذهب جي گناھ ۽ ثواب واري نظرئي جي لگام نه هجي ته شايد هي ارهن ترهين کان ئي ٻاهر نڪري وڃي، مذهب انڪري به ضروري آهي ڇو ته ان ذريعي اسان کي دنيا ۾ زندگي گذارڻ جا چڱا اصول ۽ ضابطہ حاصل ٿين ٿا.
ليڪن ان سان گڏوگڏ اسان کي انتها پسندي کان به پاسو ڪرڻو پوندو ڇوته انتها چاهي جنهن به شيء ۾ هجي سدائين نقصان جو ڪارڻ هوندي آهي يقين ڪيو ته دنيا جو ڪوبه مذهب غلط ڪمن ۽ نفرتن جي ترغيب نٿو ڏئي. هندو ڌرم هجي يا اسلام هجي يا عيسائيت يا ٻيا ڪي مذهب هجن پر اهي سڀئي مذهب پاڻ ۾ گڏجي رهڻ ۽ ڀائپي جو ئي درس ڏين ٿا انڪري اسان کي به پاڻ منهجان منافرتون دور ڪري حقيقي طور تي انسان بڻجي هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ رهڻ گهرجي.
هند سنڌ سميت ڌرتي جي هنج ۾ وسندڙ سمورن هندو دوستن کي ڏياري جون شُڀ ڪامنائون، رب ڪري شال حق ۽ سچ جي حمايت جا ديپ سدائين سڻڀا رهن.

پهنجو تبصرو موڪليو