ڌاڙيلن خلاف نام نهاد آپريشن ۽ پوليس جو وائکو ٿيل ڪردار

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ چاچڙ سبزوئي تڪرار جي نتيجي ۾ وڌيڪ 9 انساني جانيون ضايع ٿي وڃڻ بعد شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي جي پوليس ڏوهارين خلاف وڏي تحرڪ ۾ ته اچي وئي آهي پر اهڙي هنيانءُ ڏاريندڙ واقعي کانپوءِ انهيءَ ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ هن سانحي کي تقريبن اڄ اڌ مهينو گذريو وڃڻ کانپوءِ رت جي راند ختم نه ٿي سگهي آهي، ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڄ پراڻي دور جا ٻيلا ۽ جهنگ ته ايترا موجود ناهن پر انهن علائقن کي ڪچو انهي ڪري سڏيو ويندو آهي، ڇوته اڪثر جهيڙيندڙ ڌريون درياهه کان پار رهن ٿيون، جن جي ڳوٺن تائين پهچڻ لاءِ ٻه سرڪاري بند جن ۾ پهرين پراڻو سکر جو بند ۽ بعد ۾ ٽوڙي بند اچي ٿو، جيڪي بند پار ڪري اندرين علائقن ۾ وڃبو ته ان کي ڪچي جو علائقو چيو ويندو آهي. انهيءَ علائقي جي پسگردائي ۾ هڪ قديمي درگاهه به آهي، جنهن کي ڀنر شريف چوندا آهن، انهي درگاهه ڀنر شريف جي مرشد سائين نور شاهه ۽ سندس مرشد سائين علي مردان شاهه جهيڙن عظيم شخصيتن جا مقبرا به هتي ئي موجود آهن، اڳي ته انهي درگاهه جي ڳوٺ ۾ سومرا ۽ گولا برادري وڏي اڪثريت سان رهندي هئي پر اڄڪالهه خبر ناهي ته انهي عظيم درگاهه جي ڪير ٿو سار سنڀال لهي، بهرحال، اهڙن امن پسند صوفي برزگن ۽ اوليائن جون درگاهون ۽ مقبرا هوندي اسين سندن امن جي پيغام ۽ درس کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو خوني تڪرار وقت گذرڻ سان گڏ وڌندا پيا وڃن.ڪنڌڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين چاچڙ ۽ سبزوئي سان گڏگڏ جاگيراڻي برادري جو به ذڪر ڪيو پيو وڃي ته اهي به سبزوئين جا ساٿاري آهن، اهڙي اذيتناڪ واقعي کانپوءِ شروعاتي طور جيڪي رپورٽون شايع به ٿيون ۽ جيئن ئي واقعو ٿيو هو، ان بابت ٻڌايو پئي ويو ته جنهن هنڌ اهو واقعو پيش آيو ته ان کان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ئي دراني مهر ٿاڻو به موجود آهي، واقعي کانپوءِ اهڙي قهري ڪارروائي ٿي رهي هئي ظاهري طور ثابت آهي ته انهي حملي ۾ جيتوڻيڪ چاچڙ برادري موجب ته هو هٿين خالي هئا، ڇوته کين فون ڪال ڪري گهرايو ويو ۽ حملي آوررن سندن نون ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري گوليون هنيون، پر انهي سڄي ڪارروائي ۾ به ضرور وقت لڳو هوندو، اڌ ڪلوميٽر پري موجود پوليس ٿاڻي تي ٺڪاءَ ٻُڌا ويا هوندا، واقعي واري هنڌ ويجهو دراني مهر ٿاڻو موجود هجڻ کانپوءِ به پوليس بروقت واقعي واري هنڌ پهچي غيرذميواري جو مظاهرو ثابت ڪري ٿو ته پوليس ۾ ڪي اهڙيون ڪاريون رڍون به آهن، جيڪي ڌاڙيلن سان نه صرف رابطن ۾ رهن ٿيون بلڪه ڪيئي موقعن تي آپريشن کان اڳ ڌاڙيلن کي محفوظ هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ کين آگاهي به ڏني وڃي ٿي، مثال طور تازو اخبارن ۾ هڪ رپورٽ جاري ٿي آهي ته بدنام ڌاڙيل جهرو جا پوليس سان ويجها لاڳاپا آهن، ان حوالي سان هڪ وڊيو به وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ کيس ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل جهرو ڪهڙي طرح پوليس موبائيل اڳيان پوليس اهلڪارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پروٽوڪول سان تصويرون ڪڍرائي رهيو آهي، گذريل ڪالم ۾ به اهو ئي چيو هو ته موقعو مليو ته ايندڙ ڪالم ۾ اهم انڪشاف ڪندس ۽ ڪارڻ ٻڌايئندس ته آخر ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار ختم ڇو نٿا ٿين، جنهن ۾ ڌاڙيل جهرو جي حوالي سان به اوهان کي ڄاڻ ڏيڻي هئي، جيڪا ڳالهه هاڻ پَڌري ٿي چڪي آهي ته پوليس جا اهڙا ڪيترائي آفيسر ۽ اهلڪار آهن، جن جي ڌاڙيلن کي پٺڀرائي حاصل آهي. ان کان علاوه پاڻ هتي تبصرو ڪريون ته ڪهڙي برادري جا ماڻهو اڪثريت سان رهن ٿا ۽ انهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۾ چاچڙ برادري وڏي اڪثريت سان رهي ٿي ۽ ان جو تعلق جتي پيپلزپارٽي سان آهي، اتي ساڳي ريت هن برادري جو جمعيت علماءِ اسلام سان به تعلق ٻڌايو وڃي ٿو، گڏوگڏ چاچڙ برادري يقينن اهو پاڙو جيڪو هن وقت جهيڙي ۾ حملي آورن جي لپيٽ ۾ آيل آهي، انهي پاڙي جو هڪ نيڪ مرد حافظ رب نواز چاچڙ جنهن گذريل عام چونڊن م پهرين ڀيرو جي يو آءِ طرفان صوبائي چونڊن ۾ حصو ورتو هو، سندس مقابلي ۾ پ پ جي ڪامياب اميداوار چيف سردار عابد خان سندراڻي اليڪشن کٽي هئي پر چونڊن دوران ڪنڌڪوٽ جي صوبائي تڪ تي ٻنهي اميدوارن ۾ وڏو دنگل ٿيو هو ته ساڳئي وقت چاچڙ برادري جون جهڙپون به ٿيون هنيون، هتي آئون هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ توڙي جو گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ چاچڙ برادري جي اڪثريت موجود هجڻ ڪري انهي برادري سان ڪابه ذاتي، قبيلو وغيره غير ضروري جهيڙو نه ڪندو هو، ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته انهي ضلعي جي ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ انهن جو سگهاري قسم جو رهائشي انداز آهي، جڏهن ته چاچڙ برادري جو سردار ڀيو خان چاچڙ جيڪو سکر ضلعي سان تعلق رکي ٿو، پر گهوٽڪي يا ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي علائقن ۾ ٻيا به چاچڙ برادري جا چڱا مڙس اصغر خان چاچڙ جي روپ م سندس برادري جي سار سنڀال ۽ ڏک سک ۾ گڏ رهن ٿا، گڏوگڏ سبزوئي برادري جو جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته هو به ڪنڌڪوٽ توڙي غوثپور ۽ ڪرمپور جي ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ وڏي اڪثريت سان رهن ٿا ۽ انهي برادري جا اصل ڳوٺ جيڪي وڏي تعداد ۾ آهن، سي پڪي وارن علائقن يعني ڪنڌڪوٽ شهر جي پسگردائي ۾ چوطرف قائم آهن، اڄ کان ڪجهه سال اڳ جڏهن انهي ٻنهي ذاتين جو پاڻ ۾ ڪچي واري علائقي مان مال جي ڀيل تان تڪرار شروع ٿيو هو ته ان دوران ٻنهي ڌرين جا ڪيئي ماڻهو قتل ٿي ويا هئا، سون جي تعداد ۾ نوجوان ۽ ٻار معذوري واري زندگي گذاري رهيا آهن، جهيڙي دوران ڪچي اندر نه صرف هٿيارن جي نمائش لڳل هئي، ٻنهي برادرين جا ماڻهو سرعام هٿيار کڻي هلندا هئا ۽ سندن اڪثريت جيڪي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، سي به ذاتي بنياد جي جهيڙن جو شڪار ٿيا هئا. ڪچي وارن علائقن کان ويندي ڪنڌڪوٽ شهر جي پسگردائي وارا علائقا ڌرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙن سبب تمام گهڻا متاثر ٿيا هئا، ٻنهي ڌرين کي ڪيئي سالن کان هلندڙ خوني تڪرار سبب جاني نقصان سان گڏ معاشي گهوٽالي کي به منهن ڏيڻو پيو، گهڻي عرصي بعد مس وڃي ڌرين ۾ ٺاپر ٿي ته مٿان ساڳي دراني مهر ٿاڻي جي حد مان گولين جو آواز گونجندو هڪ ڀيرو ٻيهر انهي برادري جي ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ رهندڙن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. واقعي بعد حملي آورن بابت پوليس جو موقف آهي ته ڪچي ۾ سخت آپريشن بعد جوابدار فرار ٿي ويا آهن پر خبر ناهي ته انهي موقف ۾ ڪا حقيقت به آهي يا نه هونئن به سدائين ائين ئي ٿيندو آهي ته جڏهن ڪابه اڳرائي ڪندڙ ڌر ڪا واردات ڪندي آهي ته عارضي طور تي ان کي علائقو ڇڏڻو ئي پوندو آهي، اهڙي ريت هن واقعي جا ملوث جوابدار به اهڙي ئي نموني واردات کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ته پهريان ئي ڪامياب ٿي چڪا هئا، باقي پوليس جي بهادري ان وقت ثابت ٿي چڪي هئي جڏهن اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هيڏي وڏي فائرنگ ٿيڻ کانپوءِ به اها نه پهچي سگهي، هن وقت جو ڪهڙو ڪامياب آپريشن ٻڌايو پيو وڃي، هاڻ ته هڪ چوڻي موجب ”نانگ ويو نڪري، هاڻ پٽي کي پيا ماريون.“ سو هتي به اها ئي ساڳي ڪار آهي جو واقعي ۾ ملوث جوابدار ته پنهنجا گهر ٻار ۽ ٻچا وٺي فرار ٿي ويا، باقي خالي ڪکاون گهرن کي پوليس خبر ناهي ته ڇو باهيون ڏئي ان کي آپريشن جو نالو ڏئي رهي آهي. پوليس جو آپريشن ڪهڙو هوندو آهي، شايد اهڙا منظر ڏيکاري عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن پوليس واقعي واري رات ئي حقيقي معنيٰ ۾ آپريشن ڪري ها ته ڪيئي اهم گرفتاريون ممڪن ٿي سگهيون پئي پر افسوس پوليس جي ان بيان تي ٿئي ٿو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته آپريشن ڪري ڪچي کي هٿياربندن کان خالي ڪرايو ويو آهي، جيڪا ڳالهه اڳتي هلي ڪوڙي ثابت ٿي، نه ئي ڪنڌڪوٽ ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ڏوهارين جي خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪو بالا آفيسر پهتو، باقي چئن گهرن کي باهيون ڏئي، سوشل ميڊيا تي اهي تصويرون رکرائي اهو تاثر ڏنو ويو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي، پوليس ته اهڙو ئي بيان ڏيندي، پر حقيقت اها آهي ته پوليس ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ شڪارپور جي اهم ضلعن ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هڪ ئي چاچڙ برداري جا 9 ماڻهو قتل ٿيڻ سان پوليس جي ساک پت وائکي ٿي چڪي آهي.جيئن ته مون شروعاتي سٽن ۾ لکيو ته چاچڙ برادري، سبزوئي برادري کان تمام گهڻي اڪثريت سان هتي آباد آهي، ان ڪري جيڪڏهن مقتول ڌر سان انصاف نه ڪيو ويو ته چاچڙ برادري جي ڏنل الٽيميٽم سان تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت کي نه ان جي پرواهه آهي ۽ نه ئي ضلعي انتظاميا ڌرين ۾ هلندڙ تڪرارن سبب پيدا ٿيل حساس صورتحال کي سمجهي سگهي ٿي. تنهن ڪري گهرو کاتي توڙي چونڊيل نمائندن کي اکيون کولڻ گهرجن ته جيئن ايندڙ وقت ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچي سگهجي. ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ برادري جا 9 لاش کڄڻ بعد توڙي ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ ٿيل مقابلي کانپوءِ علائقا ويرانگي جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، وڏي عرصي بعد ٺاپر سان هي علائقو سرسبز ٿيو هو پر هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن گولين ۽ بارود جي بدبوءِ پکڙجي ته ڪنڌڪوٽ، غوثپور، تنگواڻي توڙي آسپاس جي آباد ٿيل ننڍن ننڍن علائقن ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال جنمي. جڏهن ته مقامي ماڻهو سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن. ڪنڌڪوٽ شهر جي ڪاروبار جو اصل ذريعو ٻهراڙي جي ماڻهن سان وابسته آهي، جيڪو مڪمل طور تي هاڻ تباهه ٿي رهيو آهي، شهرن جون رونقون موڪلائي ويون آهن، هتي جڏهن به نوان يا پراڻا تڪرار ٿيندا آهن ته ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ سان عام ماڻهو به موت جي منهن ۾ هليا ٿا وڃن، جنهن سبب ڪيئي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي غيرضروري طور تي پنهنجي گهرن مان نڪرندا به ناهن. ڪشمور جي خوني واردات کانپوءِ هر باشعور ماڻهو محسوس ڪري رهيو آهي ته ضلعي جو امن امان هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، خاص ڪري سفيد پوشاڪ ماڻهو وڌيڪ خوفزده ۽ مايوسي ۾ گهيريل آهي، ايتري تائين جو هو ضلعي مان لڏڻ جو به سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، حالانڪه هن ضلعي مان بدامني جي ڪري هندو برادري جا ڪافي خاندان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، آئون جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن جو ذڪر ڪريان ته ضلعي جي ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ جي حوالي سان ڪا پيش رفت نظر نٿي اچي، باقي ميڊيا اهڙين خبرن سان ڀري وڃي ٿي ته سنڌ سرڪار امن امان جي قيام لاءِ سمورا قدم کنيا آهن، پر زميني حقيتون ٻيو ڪجهه ٻڌائين ٿيون، سواءِ هوائي خبرن جي ان ۾ ڪا حقيقت نظر نٿي اچي، نه ئي قاتلن جي گرفتارين لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن، ايس ايس پي امجد شيخ پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته چاچڙ سبزوئي تڪرار ۾ ملوث جوابدار ٻين ڏوهارين سان ملي هتان فرار ٿي چڪا آهن، ته پوءِ پوليس جو جيڪو آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ ماڻهن جا گهر ڊاٿا ويا، باهيون ڏنيون ويون، ان کي ڪامياب آپريشن ڪيئن ٿو چئي سگهجي. ڪنڌڪوٽ ضلعي کانپوءِ جيڪڏهن آئون اغوا انڊسٽري بڻجي ويل شڪارپور جي ڳالهه ڪريان ته اتي جي پوليس اٽي ۾ لوڻ برابر حرڪت ۾ آئي آهي، اها به بنا ڪنهن حڪمت عملي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ وئي ته جوان شهيد ڪرائي آئي، چيو پيو وڃي ته پوليس ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو ته ڌاڙيل به پنهنجن ٺڪاڻن کان ٻاهر نڪري اچي مقابلو ڪيو، جيستائين پوليس جي دعوائن جو تعلق آهي ته ان ڏوهارين کي ماريو آهي ته ان حوالي سان هڪ هفتو گذرڻ جي باوجود به ڪنهن به قاتل يا ڌاڙيل جو لاش ظاهر نه ڪيو ويو، نه ئي ڪنهن جوابدار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پوليس جي دعوائن ۾ ڪيتري صداقت آهي. ناڪامي جو هڪ ٻيو دليل اهو به آهي ته ايس ايس پي امير سعود مگسي کي بدلي ڪري نئون ايس ايس پي تنوير تنيو کي مقرر ڪيو ويو آهي، ساڳي ريت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي به بدلي ڪري اتي به نئون ڊويزنل آفيسر مظهر نواز شيخ کي مقرر ڪيو ويو آهي، سو پوليس آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڇا ٿيون ٻُڌائين؟ بهرحال، انهن بدلين ۽ مقررين سان ڪو فرق نه پوندو، جيستائين پوليس جي ڪارين رڍين جو ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين سان رابطو ختم نه ڪرايو ويندو. جڏهن ته پوليس آپريشن ۾ ناڪامي ملڻ بعد تيغاڻي برادري جي سردار تيغو خان تيغاڻي کي به سندس پٽن، ڀائٽي سميت گرفتار ڪيو ويو، مٿن الزام آهن ته هو ڌاڙيلن جا ساٿاري آهن، کين عدالت ۾ پيش ڪري پوليس رمانڊ به حاصل ڪيو، پر سوال آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ ڪيئن ثابت ڪبو ته ڪير معصوم ۽ ڪير ڏوهاري آهي؟ ان ڪري مشڪل لڳي ٿو ته ڪو کڙتيل نڪري، جڏهن ته ڪچي جي ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ مدد ڪرڻ توڙي پوليس سان سهڪار ڪرڻ تي سردار تيغو خان تيغاڻي کي امن جو ايوارڊ به ڏنو ويو هو، پوءِ اڄ هن کي ڪيئن گرفتار ڪيو وڃي ٿو؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي پوليس هڪ طرف علائقي جي بااثرن کي امن جا ايوارڊ ڏي ٿي ته وري اهو چئي گرفتار به ڪري ٿي ته هو ڏوهارين جا ساٿاري آهن! ٻيو ته تيغو خان تيغاڻي جي گرفتاري ڪيئي سوال به اٿاريا آهن. ساڳئي وقت جيڪي برادريون تيغو خان تيغاڻي جي راڄ ۾ شامل آهن، انهن گوڙ ڪرڻ به شروع ڪيو آهي، جيڪو سلسلو اڃا گهڻو وڌي سگهي ٿو. حڪومت ۽ گهرو کاتي کي سوچڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي سندن صفن ۾ ته موجود آهن پر ڏوهارين جي مدد ڪن ٿا ۽ حساس رپورٽ به ليڪ ڪن ٿا. تازو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جڏهن شڪارپور جي دوري تي ويو ته اتي هن پاڻ اهو چيو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويندو، جنهن لاءِ فوج ۽ رينجرز جي ضرورت پئي ته انهن کان به مدد ورتي ويندي، ان کان علاوه وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به دوري دوران وڏي وزير سان ملاقات ڪئي.پنجاب جي علائقي راجنپور جي ڪچي جي بدنام ڌاڙيل ڇوٽو گينگ خلاف جڏهن آپريشن ڪيو ويو هو ته اهو سنڌ پوليس لاءِ وڏو سبق هو، پنجاب پوليس جڏهن ڇوٽو جا سڀ گس بند ڪيا، تڏهن وڃي کيس سوڙهو ڪيو، پر هتي سنڌ جو ڪچو ايترو وسيع به ناهي، جو هتي جي پوليس لاءِ ڏوهاري ڏاڍا ٿي وڃن، تنهن ڪري هڪ اثرائتو آپريشن ڪري ڏوهارين جو خاتمو ممڪن بنائي سگهجي ٿو. شڪارپور جو ڪچو سکر جي ڪچي واري علائقي سان ملي ٿو، گڏوگڏ اتان جا رستا ۽ گس گهوٽڪي جي ڪچي سان به وڃي ملن ٿا، ساڳي ريت گهوٽڪي ۽ ڪشمور جا ڪچي وارا علائقا بلڪل گڏوگڏ آهن ته پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جو پوليس جو آپريشن ڪامياب نٿو ٿئي. يقينن قبيلائي تڪرارن سبب سڄي سنڌ جا باشعور ماڻهو ڳڻتي ۾ ورتل آهن، جيڪي امن امان جا خواهشمند آهن ته جيئن هتي جي ماڻهن کي نه صرف سڪون ملي سگهي بلڪه سندن ٻار به محفوظ طريقي سان پڙهي لکي سگهن ۽ ڪاروباري سرگرميون به تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن، اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گرينڊ آپريشن ۾ دلچسپي وٺندي، ان کان اڳ پوليس ۾ جيڪي ڪاريون رڍون موجود آهن، انهن کي به نيڪالي جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو