ڌاڙيلن خلاف آپريشن ستين ڏينهن جاري

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ڳڙهي تيغو ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ستين ڏينهن به جاري آهي. لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ موجب ڪراچي مان ايندڙ 200 ڪمانڊوز سميت وڌيڪ 300 پوليس اهلڪار آپريشن ۾ شامل آهن ۽ ان دوران ڪچي ۾ گهر گهر تلاشي به ڪئي پئي وڃي.ان حوالي سان پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته آپريشن جي دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. جڏهن ته پوليس جي فائرنگ سبب ٻيلو تيغاڻي گروپ جا 2 ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب ڪچي جي چوڌاري پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن.جڏهن ته ڪشمور جي علائقن دراني مهر ۽ ڪچي ڪيٽي سميت ٻين علائقن ۾ به آپريشن جاري آهي. شڪارپور ۽ گهوٽڪي کي ملائيندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا آهن. پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته هينئر تائين 12 مان 9 مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن.جڏهن ته ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر شهيد، جڏهن ته 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب آپريشن دوران هينئر تائين 8 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ۽ 12 زخمي  ٿي پيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو