توهين عدالت، ڊي سي اسلام آباد کي 6 مهينا قيد جي سزا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي توهين عدالت جو حقدار قرار ڏيندي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.ايم پي او آرڊر توهين عدالت ڪيس ۾ اهو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ٻڌايو. عدالت چيو ته جيڪڏهن سزا معطل نه ٿئي ته گرفتار ڪري کيس اڊيالا جيل اماڻيو ويندو.عرفان نواز ميمڻ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي غيرقانوني گرفتارين جي ڪيس ۾ توهين عدالت کي منهن ڏئي رهيو هو. ڊي سي ۽ آءِ جي اسلام آباد، ايس ايس پي آپريشن ۽ ايس پي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.فيصلي موجب ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ۽ ايس ايس پي آپريشن ملڪ جميل ظفر توهين عدالت جا ڏوهاري قرار ڏنا ويا آهن. عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي 6 مهينن جي سزا ۽ ڏنڊ جڏهن ته ايس ايس پي آپريشن کي 4 مهينا جيل ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ايس ايڇ او کي به 2 مهينا جيل ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته ايس پي صدر کي توهين عدالت ڪيس ۾ بري ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي حڪم جي ڪاپي وزيراعظم کي اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جسٽس بابر ستار 7 سيپٽمبر 2023 تي فرد جرم لاڳو ڪئي ته ڊي سي ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو