ڊي سي جي يتيم ٻارڙن سان عيد، رانديڪا ۽ مٺائي ورهائي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو   ايس او ايس وليج پهچي عيد جو ڏهاڙو  يتيم ٻارڙن سان گذاريو، ٻارڙن ۾ سوکڙيون ،تحفه ۽ مٺائي تقسيم ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڳالهائيندي چيو ته هي معصوم ٻارڙا اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ اسين هنن جا وارث آهيون، هنن ٻارن جي تعليم ، تربيت ۽ مختلف ضرورتن جي سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار جاري رکي هنن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته سڀ ٻار هڪ جيتري اهميت رکن ٿا سندن حق به هڪجهڙا آهن کين بهتر تعليم ۽ تربيت جو ماحول فراهم ڪري سندن روشن مستقنل جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. ڊي سي خيرپور وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي ٻارڙن سان وقت گذارڻ جو مقصد کين پيار ڪرڻ، مايوسي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ ۽ مسئلا توڙي ضرورتون معلوم ڪرڻ آهي. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر پاران ايس او ايس وليج انتظاميه کان ايس او ايس وليج ۾ موجود ٻارڙن جي تعليم، تربيت، کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ صفائي سٿرائي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وئي. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو پڻ  وجود هو.

پهنجو تبصرو موڪليو