ڊيموڪريٽس جي نائب صدر لاءِ نامزد اميدوار ڪمالا حارث

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي آخر ۾ رٿيل آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽس جي ممڪنه صدارتي اميدوار جو بائيڊن ناب صدر لاءِ ڪمالا حارث کي چونڊي ورتو آهي. ڪيليفورنيا ۾ وڏي هجوم آڏو اميدوان وچ ۾ تقريري مقابلا ٿيا جنهن ۾ اها چونڊ ڪئي وئي. ڪمالا حارث جيميڪن ۾ ڄمندڙ والد ۽ ڀارت ۾ پيدا ٿيل والده جي گهر ۾ ڪيليفورنيا جي شهر اوڪلينڊ ۾ جنم ورتو. سندس والدين ۾ طلاق بعد هن کي هندو والده شيمالا گوپالن پاليو. جيڪا ڪينسر تي تحقيق ڪندڙ ۽ شهري حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن به آهي. ڪمالا جي ننڍي ڀيڻ مايا والده سان گڏ ڀارت ته ايندا ويندا رهيا پر هنن بليڪ ڪلچر اختيار ڪيو. سندن والده کي جڏهن ڪئناڊا جي ميڪ گِل يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جي نوڪري ملي ته ڪمالا ۽ مايا به 5 سال ڪئناڊا ۾ رهيون ۽ منوٽريال جي اسڪول ۾ پڙهيون. ڪمالا بعد 4 سال هارورڊ ۾ پڙهائي بعد قانون جي ڊگري حاصل ڪئي وڪالت ڪرڻ لڳي. هوءَ بعد ۾ ڊيموڪريٽس پارٽي جي سرگرم اڳواڻ بڻي ۽ سينيٽر چونڊجي وئي. گذريل سال 20 هزار جي هجوم آڏو جڏهن هن پاڻ کي صدارتي اميدوار لاءِ پيش ڪيو هو  ته هيلٿ ڪيئر بابت سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ هوءَ منجهي پئي هئي. ابتدائي طور ته هن جو بائيڊن تي تنقي ڪئي پر جڏهن پاڻ صدر لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي ته صدر لاءِ جو بائيڊن جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.جيڪڏهن هوءَ نائب صدر چونڊجي وئي ته آمريڪا جي تاريخ جي پهرين انڊين اوريجن جي بليڪ نائب صدر هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو