ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ انعام،ميچ فيس ۽ سهولتن ۾ واڌ

لاهور(م ڊ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ پاسي رانديگرن جي معاوضي۾ اضافو ڪيو آهي ته ٻئي پاسي ميچ فيس ۽ انعامن جي رقم ۾ پڻ 233 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پي سي بي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر وسيم خان چيو آهي ته ماضي ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ کيڏندڙن سان ظلم هو، سندن معاوضا گهٽ هئا، سفري سهولتون نه هيو ۽ کين رهائش جون سهولتون پڻ نامناسب هيون. هن ٻڌايو ته هاڻي 2019 جي ڊوميسٽڪ سيزن ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ جي بجٽ رکي وئي آهي، هر رانديگر کي ساليانو 20 لک ملندا، ڊوميسٽڪ سينٽرل ڪانٽريڪٽ واري رانديگر کي 50 هزار ماهوار پگهار ملندي، قائداعظم ٽرافي جي انعامي رقم ۾ 233 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ون ڊي ڪپ جي رقم ۾ 150 سيڪڙو واڌ، ٽي 20 جي انعامي رقم ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. قائد اعظم ڪپ جي ميچ فيس 50 هزار مان وڌائي 75 هزار ڪئي وئي آهي، ٽي 20 جي ميچ فيس 40 هزار هوندي. رانديگرن کي ٿري ۽ فور اسٽار هوٽلز ۾ رهايو ويندو، بين الصوبائي سفر ۾ جهاز جي ٽڪٽ ڏني ويندي جيئ سندن معيار زندگي بهتر ٿئي. هن ٻڌايو ته ڪرڪٽ جي 16 ريجنز کي 6 ايسوسيئيشنز ۾ ضم ڪيو ويو آهي، 14 سيپٽمبر کا شروع ٿيندڙ قائداعظم ٽرافي جو سلسلو 12 نومبر تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو