ليکڪ : آزاد انور مهر
سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي پر اسرار موت کانپوءِ سندس لاش کي ٻاهر ڪڍندڙ ريسڪيو ٽيم جو ابتدائي موقف سامهون آيو ته باهه دير سان لڳل هئي جنهن سبب ڪمري گهڻو دونهون هيو ۽ ڪمري ۾ موجود الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن بعد ستت ئي سوشل ميڊيا تي کوڙ الڳ الڳ ڳالهيون گردش ڪن پيون جن ۾ آڪاش انصاريءَ کي ويجهو رهندڙ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي حادثو آهي بجلي جي شاٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه لڳي آهي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو آهي جڏهن ته ٻي طرف ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي بدين واسي ويجهي دوست ليکڪ پروفيسر عبدالله ملاح پنهنجي سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي ته تازو ڪنهن شخص پاران آڪاش جي اڪائونٽ مان اي ٽي ايم جو پاسورڊ ھٿ ڪري 40 لک چورئي ڪڍايا جنھن جي خلاف سي سي ٽي وئي جي شاھدي موجب آڪاش ان ساڳئين گھر ڀاتي خلاف حيدر آباد ۾ ايف آئي آر ڪٽائي اھو ماڻهو گرفتار ٿيو جنهن اھي پيسا باسيا ته مون اھي پيسا ڪڍيا ھئا ۽ گرفتاري دوران ھن چيو ھو ته آئون آڪاش کي ڏسي ڇڏيندس هن وڌيڪ لکيو آهي ته لڳ ڀڳ ھڪ سال اڳي ھڪ شخص آڪاش کي گھر ۾ پستول سان مارڻ پئي چاھيو جنهن کي بدين پوليس گرفتار ڪيو ھو پر آڪاش کيس معاف ڪري ڇڏيو اهو سندس ويجهو عزيز آهي ۽ اھو گھر ڀاتي رات پاسي واري ڪمري ۾ موجود ھو ھن کي ڊاڪٽر سان نفرت به ھئي ته پيسي ۽ آڪاش جي ملڪيت جي لالچ به ھئي انڪري آڪاش جي موت جي تحقيقات ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته گھر ڀاتين مان گھڻن گھر ڀاتين ۽ سموري سنڌ ۾ رھندڙ سندن دوستن جو شق ۽ گمان آھي ته ڊاڪٽر آڪاش کي ماري پو۽ جا۽ واردات ڦٽائيڻ لا۽ ھٿ سان سرڪٽ شاٽ ڪري باھ ڏني وئي آھي ان بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ڀينرن مسمات حنيفا ۽ مسمات هوا انصاري ۽ سندس گهرواري امان حاجاڻي ۽ سندس پٽ شاهه لطيف جي موقفن ۾ وڏو تضاد آهي سندس ڀينرن هن پراسرار موت تي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهڻ ته سندس گهرواري پاران ٽائيم نيوز ۽ ٻين الڳ الڳ نيوز چئنلن کي ڏنل موقف ۽ ذڪر ڪيل ڳالهين ۾ پڻ وڏو تضاد ٿو لڳي هڪ ئي وقت ٻه ڳالهيون ٿي ڪري ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان پر هن مهل تائين ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي پُٽ سندس سڀ کان ويجهي دوست ڊاڪٽر بچل ۽ تازو سندس گهرواريءَ جو موقف ٻڌو آهي جنهن ۾ سڀ کان منجهائيندڙ موقف سندس گهرواريءَ جو ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ٻه اهڙيون ڌار ڌار ڳالهيون ٿي ڪري جنهن جو هڪٻئي سان پري پري تعلق ناهي مثال طور هوءَ چوي ٿي مونکي ڪا خبر ناهي ته واقعو ڪئين ٿيو آهي…؟
وري اتي چوي ٿي مونکي پنهنجو ڪيس رب سائين تي ڇڏيو آهي اهو ئي مونسان انصاف ڪندو صاف ظاهر آهي ته ڪو آهي جنهن ساڻن ايڏي زيادتي ڪئي آهي ۽ هو ساڻس پڄڻ جهڙا ناهن رب تي ڇڏين ٿا.
هڪ ٻي موقف ۾ سندس پٽ چوي ٿو رات جو نائين ڏهين وڳي ٿيو آهي گهر وارن کي خبر صبح جو پئي آهي پر سندس سڀ کان ويجهو دوست ڊاڪٽر بجل موجب ته هو ۽ سندس هڪ ٻيو دوست ڊاڪٽر سان ٻارنهن تائين گڏ هئا ڊاڪٽر جي موقف جو بلڪل رد آهي سندس مائٽ جي موقف جو ته واقعو سوير ٿيو برحال ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو تمام وڏو نالو هو ڳجهارت بڻيل سندس موت جي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي جئين سندس پراسرار موت جو الهجي ويل هي سُٽ سلجهي سگهي.










