ڇا نوان ڀرتي ٿيل استاد ڪاڇي ۾ تعليم جو ٻُڏل ٻيڙو تاري سگهندا ؟؟ 

محمد اسماعيل لانگاھ
سالن کان تعليم کاتي سنڌ ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جي ريٽائرمينٽ ۽ ڀرتيون نه ٿيڻ تي سنڌ ۾ خاص طور ڪاڇي جي تعليم کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي جنهن نقصان جو خال ڀرجڻ لاء نه صرف نين ڀرتين پر ان لاء سڄي معاشري يعني سرڪار, تعليم کاتو, استاد صاحبان والدين سميت هر باشعور ماڻھن کي تعليم کي ساڳي پوزيشن تي آڻڻ لاء جدوجهد جي ضرورت آهي تعليم کاتي ۾ پئجي ويل ان خال کي ڀرڻ لاء نيون ڀرتيون سنڌ حڪومت جو وقتائتو قدم  ته ٿي سگهي ٿو ۽  ڀرتين سان سنڌ جا هزارين بيروزگار نوجوان هڪ پاسي روزگار سان لڳي به چُڪا آهن ته ٻي پاسي سنڌ حڪومت پنهنجي اهڙي قدم سان ڪارڪردگي بچائڻ جو سُٺو ڪم ڪيو آهي پر ڪم ۽ ذميواري صرف هتي ختم نٿي ٿئي اڳتي ڪم اڃا گهڻو آهي ۽ ھن سنڌ صوبي ۾ تعليم کاتي پاران دعوا ڪئي وئي آهي نين استادن جي ڀرتين جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪي ويٽنگ ۾ آھن انهن بابت به جلد فيصلو ٻُڌايو ويندو تعليم کاتي پاران ڪيل اهڙي دعوا کانپوء سوشل ميڊيا تي سنڌ توڙي ڪاڇي تائين اهي خبرون اچي رهيون آهن ته استادن جي اسڪولن تي جوائننگ ۽ پوسٽنگ ٿيڻَ بعد سوين تعداد اسڪول اڃا به بند پيل آهن
 جن ۾ دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جون هي يوسيز جن ۾ ڊرگھ بالا, پٽ گل محمد ,ٽوڙ, ڇني ,واهي پانڌي, ساوڙو, ٽنڊورحيم خان يوسين جا پرائمري ۽ مڊل اسڪول بند پيل آهن ۽ انهن اسڪولن جو عمارتون مالڪي نه ٿيڻ, ڪري انتهائي زبون حال ٿي چُڪيون آهن جنهن ۾ نوان آيل استاد ويهڻ گوارا به نٿا سمجهن ۽ استادن جي ڀرتين سان گڏ انهن سڪولن جي مالڪي لاء پٽيوالن ۽ چوڪيدار جي پوسٽن جي به ضرورت آهي, پر افسوس جو ڪاڇي جو ڪوبه اسڪول کليل ناهي ڏٺو ويو  سنڌ سرڪار جي ٿيل اهڙي نااهلي جي مظاهري سبب سنڌ ۽ خاص طور ڪاڇي ۾ تعليم بلڪل مڪمل طرح پوئتي پئجي وئي آهي, وري جيڪڏھن ساڳي روايت جو مظاهرو ڪيو ويو ته استاد جون نيون ڀرتيون صرف خزاني تي بار بڻجڻ کانسواء ٻيو  ڪو نتيجو نه ڏئي سگهنديون 
ان لاء ڪاڇي جي تعليم کي بهتر بڻائڻَ لاء وڏي سُجاڳي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي ايئن ئي کڻي سمجهو ته ڪاڇو هن وقت تعليم جي ماحول کان بلڪل اڻ واقف ٿو لڳي جيڪڏھن تعليم کاتو پنهنجي ذميواري صرف استادن جي ڀرتين واري عمل کي مڪمل ٿيڻَ ئي سمجهي ٿو ته اها سندن جي ڀُل هوندي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاء سڄي کاتي کي فرض شناس ۽ ذميوار ادارو بڻائڻ جي اشد ضرورت آهي جنهن ڪرپشن جي ناسور سبب تعليم کاتي تي هي ڏُکيو وقت آيو آهي اهو نه صرف استادن جي ڀرتين ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار لڳائڻ آهي پر تعليم سان ٿيل هٿرادو دشمني ۾ ملوث  کاتي تعليم جي ڪامورن استادن ۽ تعليم کاتي کي خلاف اثرائتي ڪاروائي وارو عمل جيستائين شروع نٿو ٿئي ايستائين تعليم جي بهتر ٿيڻ جي ڪابه اميد نٿي رکي سگهجي هن وقت صورتحال ان حد تائين پهتل آهي ته ڪاڇي جي ڪنهن شهر جو ريڪارڊ ۾ هلندڙ اسڪول کليل نظر نٿو اچي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترا اسڪول بند هوندا ڪيترن معصوم ٻارن جو مستقبل تباهي طرف وڃي رهيو هوندو
افسوس جوڳي ڳالھ اها آهي ته بند پيل اسڪولن جون عمارتون ويهڻ لائق به ناهن نه انهن ۾ فرنيچر آهي نه ئي ڪا ٻي سهولت  اهي سوين اسڪول بلڊنگون نئين سر ٺھڻ گهرجن  سو ايمرجنسي بنيادن تحت جيڪڏھن انهن سمورن اسڪولن کي سنڌ سرڪار تعليم کاتو استادن سان گڏجي اسڪولن جي تعليم کي بحال ڪرائي ساڳي ليول تي آڻين ٿا ته اها سندن وڏي ڪاميابي چئبي، بحرحال پ پ سرڪار ۽ تعليم کاتي سنڌ ۽ نون ڀرتي ٿيل استادن لاء ڪاڇي جي تعليم کي ساڳي اوج تي آڻڻ ، ۽ ڪرپٽ تعليم دشمن  ڪامورن خلاف ڪاروائي هڪ وڏو امتحان آهي ان لاء ڪميونٽيز سان لھ وچڙ ۾ اچي ڪري تعليم کي سُڌاري سگهجي ٿو ٻي صورت ۾ نون ڀرتي ٿيل استادن لاء بند پيل اسڪول هلائڻ ڪنهن درياھ جي ڪُن منجھ ڪريل ڪا سُئي هٿ ڪرڻ جي مترادف سمجهي سگهجي ٿي 

پهنجو تبصرو موڪليو