حافظ محمد علي ورڙ
پاڪستان جي سياست ۾ هميشہ ڪجھ نہ ڪجھ ٿيندو رهندو آهي. ملڪ ۾ سياسي اٿل پٿل نہ ٿئي اھو ممڪن نہ آھي. ڪا حڪومت اچي رهي ھوندي آهي تہ وري ڪا وڃي رهي ھوندي آهي. هڪ لمحو ڪنهن پارٽي جو ليڊر اقتدار ۾ هوندو آهي ته ٻئي لمحي هو جيل جي ڀتين اندر سياسي حڪمت عملي جوڙيندو رھندو آهي. ان ڪري سياسي صورتحال هر لمحي تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. ان سياسي صورتحال سبب ملڪ ۾ ڪا بہ پاليسي يا منصوبا ڪڏهن بہ ڊگھي عرصي تائين هلي نہ سگهيا آھن. ڪنهن بہ ليڊر ۽ سياسي پارٽي عوام جي ڀلائي کي اوليت نہ ڏني آهي. نہ ئي انھن جو اھو منشور رهيو آهي هر ڪنهن کي صرف پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفادن ۾ دلچسپي آهي. اڄ بہ ملڪ جو سياسي منظرنامو ان ئي تڪرار جو شڪار آهي. جيڪي اڳ جيل ۾ هئا اهي هاڻي اقتدار ۾ اچي ويا آهن ۽ جيڪي اقتدار ۾ هئا اهي هاڻي اڳين جي بدران جيل ۾ اچي ويٺا آهن. بهرحال حالتون ۽ شخصيتون ساڳيون آهن، رڳو ڪردار بدلجي ويا آهن. هاڻي اها صورتحال ڪڏهن تبديل ٿيندي؟ ان تي ڳالهائڻ تمام مشڪل آهي ڇو تہ پاڪستاني سياست اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ آهي جو ڪير بہ نٿو چئي سگهي تہ ملڪ ۾ ڇا ٿيندو. ڪلھ جا اتحادي اڄ جا سياسي حريف آهن ۽ اڳوڻا سياسي دشمن اڄ هڪ ٻئي تي گل نڇاور ڪري رهيا آهن. ھاڻي هتان کان سياسي حالتون ڪھڙي طرف وڃن ٿيون؟ اڳڪٿي ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي. ملڪ ۾ چونڊن جو طبل وڄي ويو آهي ۽ سموريون پارٽيون پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن. ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) جون سياسي سرگرميون تمام گهڻيون آهن ۽ ان جو سبب هر هڪ سياسي ورڪر ڄاڻي ٿو. 4 سالن جي خود ساختہ جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ حاليہ اشتھاري پاڪستاني عدالتن کي مطلوب نواز شريف هن وقت ملڪي سياست ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع بڻيل آهي. نواز شريف هن وقت سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، هن جي جده ۾ شاهي خاندان جي اهم ميمبرن سان ملاقات جو پڻ امڪان آهي. نواز شريف جا سعودي عرب سان پراڻا لاڳاپا آهن. سعودي عرب جي شاهي خاندان سان نہ رڳو سندس ڪاروباري لاڳاپا آهن پر سندس خانداني لاڳاپا بہ دنيا کان ڳجها ناهن.جڏهن بہ نواز شريف کي ڪنهن بہ مدد جي ضرورت پئي تہ کيس هميشہ سعودي عرب طرفان هاڪاري جواب مليو. هن وقت بہ سندس وطن واپسي کان اڳ سعودي عرب ۾ سندس موجودگي ڪو اتفاق نہ آهي. ذريعن مطابق تہ پاڪستان اچڻ کان اڳ ميان صاحب ڪجھ ڳالهين تي سعودي حڪام جي گارنٽي چاھي ٿو ۽ ممڪن آهي ته هو جده ۾ سعودي اعلي حڪام سان انھيءَ سلسلي ۾ اهم ملاقاتون پڻ ڪري. هاڻي انهن جي ملاقاتن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ وقت ٻڌائيندو پر هاڻوڪي پيش رفت اها آهي ته نواز شريف جي واپسي في الحال طئي ٿيل آهي ۽ مسلم ليگ ن جون تياريون به زور شور سان جاري آهن. سندس وطن واپسي نہ رڳو مسلم ليگ ن پر سڄي پاڪستان جي سياست لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. سندن واپسي ڪو اتفاق نہ آهي. خود ساختہ جلاوطنيءَ کان پوءِ هن جي اوچتو واپسي واري منصوبي تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا. پهرين ڳالهہ اها آهي تہ ڇا نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزارت عظميٰ حاصل ڪرڻ لاءِ گرين سگنل ملي ويو آهي، ان ڪري هن هاڻي واپسيءَ جو ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. ذريعن موجب سندس واپسي لاءِ خاص جهاز جي بڪنگ ڪئي وئي آهي. خاص جهاز 21 آڪٽوبر تي 12 وڳي لاهور ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندو. پر ان پيش رفت جي باوجود بہ اهو خدشو يا تاثر موجود آهي تہ ميان صاحب مناسب وقت تي ڦري وڃي ۽ واپسيءَ جو ارادو رد ڪري ڇڏي.
