چيني پوليس ڊرون جي مدد سان ڀاڳوڙو گرفتار ڪري ورتو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ چين ۾ پوليس ڊرون جي مدد سان 17 سال اڳ انساني اسمگلنگ جي ڏوهه ۾ سزا ڀوڳيندڙ ليبر ڪيمپ جيل مان ڀڄي ويل ملزم کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڀاڳوڙي قيدي سانگ موئيجيانگ ڏکڻ چين ۾ پهاڙي جهنگ ۾ هڪ غار ۾ پناهه ورتي هئي. اها غار ساڍا 6 ميٽر جي آهي ۽ اهڙي تي پوزيشن ۾ آهي جتي وڃڻ لاءِ پهاڙ جي هيٺان کان رستو هو. 5 ڪلاڪ ڊرون جي جائزي بعد چيني پوليس غور سان جائزو ورتو ۽ غار جي مٿاهين پاسي کان اچي کيس گرفتاري جو منصوبو ٺاهيو. هو کاڌو پيتو پان تيار ڪندو هو ۽ کلي آسمان هيٺان باهه باري رڌ پچاءُ ڪندو هو. چين جي مقامي ميڊيا ۾ خبر نشر ٿيڻ بعد اين بي سي نيو ز اها خبر نشر ڪئي آهي. تصويرون ۽ ويڊيو چيني پوليس جاري ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو