چيلهار نائٽ ڪرڪٽ ٽورنامنٽ پهرين رات 5 ميچ

ٿرپارڪر( رپورٽ لياقت نهڙيو) چيلهار نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ امر چندر شرما جي نالي ڇڇي گرائونڊ تي ميدان سجي ويو، پهرين رات بهترين ٽيمن جا زبردست مقابلا، ڇڪن چوڪن جي برسات، پهرين پول ۾ نئوڪوٽ جي ٽيم زبردست مقابلا ڏيپلو اليون کي شڪست کي ڏئي، نئون ڪوٽ جي بيٽسمين فيهم جي شاندار بيٽنگ، 35رنسون ٺاهي نمايان اسڪور رهيو، ٻي مقابلي ۾ ڏنٻرلوڪنري، ۽ امر منيش اليون جو مقابلو ڏنٻرلوڪنري، 67رنس جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ امرمنيش جي بيٽسمين ساگر چانداڻي بهترين بيٽنگ ڪندي پنهنجي ٽيم کي سوڀارو ڪرايو. ٽين ميچ ۾ عمرڪوٽ اليون ۽ دراني اليون مٺي جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ عمرڪوٽ پهرين بيٽنگ ڪندي85 اسڪورڪيو، جواب ۾ دراني اليون مٺي   50 رنسن تي ڍير ٿي وئي. چوٿون ليگ ميچ غازي اليون اسلام ڪوٽ ۽ نبي سر جي وچ ۾ کيڏو ويو، جنهن ۾ غازي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي 90 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن ۾ غازي اليون جي بيٽسمين جاويد44 رنسن سان نمايان رهيو. جواب ۾ فرينڊس ڪلب نبي سر جي لالا عظيم ۽ نعمان بهترين بيٽنگ جي باوجود پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيا ۽ پنج رنس تان ميچ هارائي ويا. واضع رهي تي هي ٽورنامنٽ اڃان ٻه ڏينهن جاري رهندو ٽورنامنٽ جو افتتاح پپلرپارٽي جي ضلعي يوٿ ونگ جي صدر سشيل ملاڻي، ٽائون چيئرمين پرديپ مهراج ۽ صحافي محمد خان نهڙيو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو