چيئرمين جي هدايتن تي اسڪالرشپس جي فنڊن ۾ واڌ ڪئي، ايسراڻي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)اقليتن جي معاملن واري کاتي اقليتي برادري جي هوشيار شاگردن کان سال 23/2022 جي اسڪالرشپس لاءِ درخواستون گهرائي ورتيون آهن، اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال اسڪالرشپس جي فنڊن ۾ خاطر خواه واڌ ڪئي وئي آهي، سال 22-2021 ۾ 3284 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون ويون ، جنھن۾ 2044 يونيورسٽي ۽ 1240 ڪاليج جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون شامل هئا، ھن چيو ته اسڪالرشپس ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون، اسڪالرشپس جي عمل کي صاف، شفاف بڻائڻ لاءِ پهريون ڀيرو ٿرڊ پارٽي جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ۽ آئي بي اي سکر کي اھو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، صوبائي وزير چيو ته درخواست فارم آئي بي اي سکر جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا، ۽ شاگرد ء شاگردياڻيون 30 اپريل تائين پنهنجون درخواستون آئي بي اي سکر کي اماڻين، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ ۾ اسڪالرشپس جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو