چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙئي 36 سال گذري ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لالي ووڊ جو معروف اداڪار ۽ فلم ساز وحيد مراد کي مداحن کان وڇڙندي 36 سال گذري ويا. وحيد مراد کي چاڪليٽي هيرو جي نالي سان سڃاتو ويندو هو هو 2 آڪٽومبر 1938 ڌاري سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. وحيد مراد اداڪار، فلم ساز ۽ بهترين اسڪرپٽ رائٽر به هيو هو پنهنجي دلڪش تاثرات، پُرڪشش شخصيت، نرم آواز ۽ اداڪاري جي ڪري غير معمولي صلاحيتن جي حامل هيو جڏهن ته جنوبي ايشيا ۾ به ان کي هڪ مشهور ۽ بااثر اداڪار سمجهيو ويندو آهي. وحيد مراد جامعه ڪراچي کان انگريزي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جو آغاز 1959ع ۾ فلم (ساٿي) سان ڪيو جنهن ۾ هن مختصر ڪردار ادا ڪيو پر هن باقاعده فلمي سفر جي شروعات 1962 ۾ فلم (اولاد) کان ڪئي جنهن ۾ هن بطور معاون اداڪار ڪم ڪيو. نامور اداڪار 1964 ۾ فلم (هيرا ۽ پٿر) پروڊيوس ڪئي جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو مرڪزي ڪردار نڀايو ۽ پنهنجي نهايت منفرد، شرارتي ۽ رومانوي انداز سان سڀني مداحن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو. هن پنهنجي 30 سالا فلمي ڪيريئر ۾ پاڪستان کي ڪيتريون ئي مشهور فلمون ڏنيون جنهن ۾ ارمان، ديور ڀاڀي، درپن، دوراها، جهان تم وهان هم، انجمن اور اولاد جهڙيون فلمون شامل آهن. چاڪليٽي هيرو ڪيترائي ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيا جڏهن ته مشهور  ايوارڊن ۾ هن کي بهترين فلم ساز ۽ بهترين اداڪر سان نوازيو ويو. وحيد مراد نامور اداڪاران سان گڏ ڪم ڪيو جنهن ۾ خوبرو اداڪاره زيبا بختيار، شبنم ۽ اداڪار نديم ۽ دليپ ڪمار شامل آهن. جڏهن ته ان تي فلمايل گانا به ڪافي مشهور ٿيا جن ۾ ڪوڪو ڪرينا، اڪيلي نه جانا، مجهي تم نظر سي گرا تو رهي هو، اي ابر ڪرم آج اتنا برس اڄ تائين ماڻهن جي چپن تي آهن. وحيد مراد جي وفات جي 27 سالن جي وڏي عرصي بعد نومبر 2010 ۾ حڪومت پاڪستان ان کي ستاره امتياز سان نوازيو. چاڪليٽي هيرو وحيد مراد 23 نومبر 1983ع ۾ پنهنجي چاهيندڙن کان وڇڙي ويو. ان جي وفات کي اڄ 36 سال گذري چڪا آهن پر ان باوجود اڄ به ماڻهن جي دل ۾ رهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو