ڄامشورو، انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا فوت

ڄامشورو (ن س )ڄامشورو ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب انڊس هاءِ وي تي جڏهن پوليس هڪ گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته گاڏي ۾ سوار اهلڪارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا.پوليس جوابي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته خانڪوٽ ويجهو تيز رفتار گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن سبب گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن لاش جي سڃاڻپ ۽ واقعي جي مڪمل جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو