ڀارتي گلوڪار گورو رنڌاوا به ساره خان جو مداح

لاهور(ويب ڊيسڪ)مشهور اداڪاره ساره خان کي پاڪستان ۾ شهرت حاصل آهي پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به ان جا مداح موجود آهن.بالي ووڊ جو مشهور گلوڪار گورورنڌاوا جي هاڻوڪي تبصري سان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.اداڪاره ساره خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي عروسي جوڙي ۾ ملبوس تصوير شيئر ڪئي جنهن تي ڀارتي گلوڪار گورورنڌاوا ڪمينٽ ۾ ڪندي لکيو خوبصورت.ساره خان گلوڪار جي ان تبصري تي سند س شڪريو ادا ڪيو.ياد رهي ته گورورنڌاوا ڀارت جو مشهور پنجابي ڳائڻو آهي جنهن سپرهٽ گانا ڏنا هاءِ ريٽڊ گبرو، و لگ دي لاهور دي آ، سوٽ سوٽ ڪردا ۽ مورني بن ڪي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو