ڀارتي اداڪاره ميرا چوپڙا صبا قمر جي تعريف ڪرڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي معروف اداڪاره ميرا چوپڙا پاڪستاني اداڪاره صبا قمر جي اداڪاري جي تعريف ڪرڻ لڳي. ميرا چوپڙا هڪ ٽوئٽ ذريعي صبا قمر جي اداڪاري تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اداڪاره لکيو ته مان پاڪستان جي بهترين شو جنهن جو نالو باغي آهي هاڻي ڏسي چڪي آهيان. ميرا چوپڙا وڌيڪ لکيو ته مان حيران آهيان ته ٽوئٽر تي ڪنهن به مون کي ان جي ڏسڻ جي تجويز نه ڏني ان جي ڪهاڻي بهترين آهي. ڀارتي اداڪاره ميرا چوپڙا صبا قمر جي تعريف ڪندي لکيو ته ان جي باري ۾ ڇا چوان ان جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. واضح رهي ته اداڪاره صبا قمر پنهنجي بهترين اداڪاري سبب پاڪستان سان گڏوگڏ سرحد پار به مقبول آهي. صبا قمر نه صرف پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي اداڪاري سان فلمن ۾ چار چنڊ لڳايا آهن پر هو هالي ووڊ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. صبا قمر 2017 ۾ ڀارتي فلم هندي ميڊيم ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ ان سان گڏ ڀارتي اداڪار عرفان به هيو. جڏهن ته تازو سرمد کهوسٽ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ڪملي به جلد رليز ٿيڻ واري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو