ڀارتي اداڪارا پونم پانڊي ديهانت ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل پونم پانڊي 32 سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا پونم پانڊي سروائيڪل ڪينسر ۾ مبتلا هئي.اداڪارا جي موت جي تصديق سندس ٽيم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪئي. اداڪارا جي موت جو اعلان سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”اڄ جي صبح اسان سڀني لاءِ ڏاڍي ڏکي صبح آهي.۽ اسان کي ڏاڍي ڏک سان توهان کي خبر پئي ته توهان جي پياري پونم پانڊي رحم جي ڪينسر سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا 2011ع ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ دوران پنهنجي تڪراري بيان سبب شهرت ماڻي، جنهن بعد هن مختلف فلمن ۽ ريئلٽي شوز ۾ به ڪم ڪيو، پونم پانڊي جي بالي ووڊ فلمن ۾ نشا، اگيا هيرو شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو